ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڪنگز مين پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 12هين ايڊيشن لاءِ سڌي ريت رانديگرن جي چونڊ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڊائريڪٽ سائننگ ۾ حصو نه وٺڻ بابت حيدرآباد ڪنگز مين باضابطا بيان جاري ڪيو آهي.ترجمان موجب حيدرآباد ڪنگز مين پي ايس ايل 12 لاءِ ڊائريڪٽ سائننگ نه ڪندي، جڏهن ته سڌي ريت رانديگرن جي چونڊ لاءِ 23 نومبر آخري تاريخ هئي.ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته پي ايس ايل جي ڪيترين ئي فرنچائزز ڊائريڪٽ سائننگ ذريعي رانديگرن جي چونڊ ڪري ورتي آهي، پر حيدرآباد ڪنگز مين ڪنهن به رانديگر کي سڌي ريت چونڊڻ جو اعلان نه ڪيو آهي.










