اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي نين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.قيمتن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 318 رپيا في ليٽر، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 353 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، نين قيمتن جو اطلاق اڄ رات 12 وڳي کان 25 نومبر تائين رهندو.










