لاهور (ويب ڊيسڪ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته عمران خان کي سياسي طور ٽوڙڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر هو ۽ علامه راجا ناصر عباس اهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ کي پيش سياسي، معاشي ۽ امن امان جي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ضروري آهي ته فيصلا ڪجهه ماڻهن بدران عوام جي چونڊيل نمائندن ۽ سمورين سياسي ۽ جمهوري قوتن جي مشاورت سان ڪيا وڃن. هن چيو ته آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ فوري آئيني ۽ سياسي سڌارا ضروري آهن. محمود اچڪزئي چيو ته عوام عمران خان کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو هو، پر کانئس اهو مينڊيٽ کسي ورتو ويو. هن زور ڀريو ته عمران خان جي سياسي صورتحال ۽ صحت بابت مڪمل طور باخبر رهڻ جي ضرورت آهي. هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان کي ٽوڙڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جن ۾ ڪجهه ٻاهرين ۽ ڪجهه اندروني عنصر به شامل آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي پارٽي کي خبردار رهڻو پوندو ۽ هو سڀ به صورتحال تي نظر رکي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي مائنس ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، پر هو پنهنجي ۽ علامه راجا ناصر عباس جي طرفان يقين ڏياري ٿو ته اهي اهڙين سازشن ۾ ڪنهن به صورت ۾ شامل نه ٿيندا. محمود اچڪزئي لاهور ۾ مولانا فضل الرحمان کي نظر بند ڪرڻ ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏيڻ جي به مذمت ڪئي. هن چيو ته سياسي اڳواڻن کي پنهنجي راءِ جي اظهار ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي.










