لاهور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هو هن وقت رياستي گهيري ۾ آهي ۽ سڄو لاهور شهر رياستي رنڊڪن سان ڀريل آهي، جنهن سبب کيس وڪيلن کي خطاب ڪرڻ کان روڪيو ويو.وڊيو پيغام ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته لاهور بار ڪائونسل کيس هڪ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي، پر افسوس آهي ته هو رياستي گهيري ۾ هئڻ سبب اتي پهچي نه سگهيو. سندس چوڻ هو ته هڪ پرامن شهري کي دانشورن جي محفل ۾ وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هو ڪنهن حڪمران يا رياستي اداري کان وطن سان وفاداري جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ نه آيو آهي. سندس چوڻ هو ته ”انهن جون وفاداريون شڪي آهن، جڏهن ته اسان جون وفاداريون شڪ شبهي کان مٿانهون آهن.“ مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي ته جمعيت علماءِ اسلام جو هر ڪارڪن ثابت قدمي سان بيٺو آهي ۽ جبر آڏو ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سندس جماعت وطن سان محبت ۽ وفاداري ڪئي آهي ۽ ڪنهن طاقتور جي غلامي قبول نه ڪئي آهي. هن اعلان ڪيو ته 26 نومبر تي سرگوڌا ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي. سندس دعويٰ هئي ته سرگوڌا ڊويزن ۾ جماعت جا ڪارڪن رياستي جبر جو نشانو بڻجي رهيا آهن، مقامي اڳواڻن جا ڪاروبار بند ۽ دڪان سيل ڪيا پيا وڃن. جَي يو آءِ سربراهه موجب، بکر، ميانوالي، خوشاب ۽ سرگوڌا ۾ ڪارڪنن جون گرفتاريون ۽ سندن پٺيان لڳڻ جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، پر ان باوجود ڪانفرنس هر صورت ۾ ٿيندي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اجتماع کي ڪامياب بڻائين ۽ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو مظاهرو ڪن. مولانا فضل الرحمان چيو ته سندس جماعت عوام، پاڪستان ۽ رياست جو ڪيس وڙهي رهي آهي ۽ موجوده وقت قومي ۽ ملي وحدت جو آهي، تنهن ڪري هر پاڪستاني شهري کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي. هن الزام لڳايو ته قبائلي علائقن ۾ معدني ذخيرن بابت طاقتور ڌرين جو ڪردار وائکو ڪرڻ کانپوءِ مٿس رياستي قوتن جو دٻاءُ وڌايو ويو. سندس چوڻ هو ته هو خيبرپختونخوا، بلوچستان، گوادر، سنڌ، سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۽ پنجاب جي عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. هن موقف اختيار ڪيو ته معدني وسيلا عوام جي ملڪيت آهن، نه وفاق يا ڪنهن هڪ طاقتور اداري جي، ۽ عوام جي وسيلن جي ڦرلٽ جي اجازت ڪنهن کي به نٿي ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته سندس جماعت صبر سان گڏ پنهنجي موقف تي ثابت قدم آهي.










