بين الصوبائي ڪار لفٽر گروهه جا 3 جوابدار گرفتار

بين الصوبائي ڪار لفٽر گروهه جا 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) عزيز ڀٽي پارڪ ويجهو پوليس مقابلي کانپوءِ بين الصوبائي ڪار لفٽر گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب عزيز ڀٽي پارڪ ويجهو اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار چوري ڪندڙ گروهه جا 3 مبينا ڪارندا زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا.پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نقيب الله، محمد سليم ۽ علي رضا جي نالن سان ٿي آهي. جوابدارن جي قبضي مان اسلام آباد جي سبزي منڊي ٿاڻي جي حدن مان چوري ٿيل ڪار هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته 34 قيمتي موبائل فون ۽ هٿيار پڻ تحويل ۾ ورتا ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار بدنام ڪار لفٽر گروهه جا سرگرم ڪارندا آهن، جيڪي مختلف شهرن ۾ گاڏيون چوري ڪرڻ سميت ٻين سنگين وارداتن ۾ ملوث آهن. اختيارين موجب ڄاڻايل گروهه مختلف شهرن ۾ ڪار چوري جي وارداتن سبب پوليس کي گهربل هو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جا ڪجهه ساٿي پنجاب ۾ پڻ پوليس مقابلن دوران مارجي چڪا آهن. پوليس گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ جاچ لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻين ساٿين ۽ وارداتن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو