اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي چيني سفير جيانگ زيڊونگ سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ ايل پي جي پلانٽ سميت توانائيءَ جي منصوبن تي عملدرآمد لاءِ اتفاق ڪيو ويو.پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪمرشل ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پيٽرول جي درآمد، ذخيرو ڪرڻ ۽ لاجسٽڪس جي انتظامن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ٿيو.پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته ڳالهين کي عملي منصوبن ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ اوليت آهي. چيني صدر جون ترجيحون پاڪ-چين توانائي ڀائيواريءَ جي گڏيل تصور جي عڪاسي ڪن ٿيون.چيني سفير پاڪستان سان سهڪار جاري رکڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا ڳولڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










