خلائي مشن شينزو 24 خلا ۾ پهچي ويو، محمد ذيشان پاران تاريخ رقم

خلائي مشن شينزو 24 خلا ۾ پهچي ويو، محمد ذيشان پاران تاريخ رقم

جيوچوان: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين جي خلائي سهڪار ۾ هڪ نئون تاريخي باب رقم ٿي ويو، ٻنهي ملڪن جو گڏيل خلائي مشن شينزو 24 خلا ۾ پهچي ويو. خلائي مشن شينزو 24 چين جي ٻن ۽ پاڪستان جي هڪ خلاباز محمد ذيشان علي کي کڻي روانو ٿيو هو. شينزو 24 مشن 4 کان 5 ڪلاڪن کانپوءِ چين جي خلائي اسٽيشن ۾ داخل ٿيندو. اهو پاڪ-چين دوستي جي تاريخ جو هڪ سونهري ۽ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن پاڪستان جي پهرئين خلاباز محمد ذيشان تاريخ رقم ڪري ڇڏي. پاڪستاني وقت موجب خلائي مشن صبح 5 لڳي 18 منٽن تي روانو ٿيو، خلائي اڏام جي 4 کان 5 ڪلاڪن کانپوءِ پاڪستاني خلاباز محمد ذيشان چين جي خلائي اسٽيشن ۾ داخل ٿيندو. چيني خلاباز تانگ هانگبو، وو يي ۽ پاڪستاني خلاباز محمد ذيشان علي گڏجي خلائي مشن سرانجام ڏيندا. خلائي مشن هڪ هفتي تائين خلا ۾ رهڻ کانپوءِ زمين تي واپس موٽندو.خلائي مشن شينزو 24 تي روانگي کان اڳ خلابازن جي الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال شرڪت ڪئي. تقريب دوران پاڪستاني جهنڊا پڻ ڦڙڪايا ويا، جڏهن ته پاڪستاني ۽ چيني خلابازن شرڪت ڪندڙن ڏانهن هٿ لوڏي موڪلايو. ٽئي خلاباز گاڏين ۾ سوار ٿي خاص پروٽوڪول سان خلائي مرڪز پهتا. واضح رهي ته پاڪستاني خلاباز محمد ذيشان جو چوڻ هو ته هو قوم جون اميدون ساڻ کڻي خلا ۾ وڃي رهيو آهي، خلائي مشن ۾ رڳو سندس نه پر سڄي پاڪستان جي نمائندگي هوندي، جيڪا سندس ۽ سڄي ملڪ لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. محمد ذيشان علي چيو ته مستقبل ۾ وڌيڪ گڏيل خلائي مشن پڻ ٿيندا، پاڪ-چين دوستي هماليه کان بلند ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آهي. پاڪستاني خلاباز علامه اقبال جو شعر پڻ پڙهيو. چيني خلاباز چيو هو ته پاڪستان ۽ چين جو خلائي تحقيق جي ميدان ۾ گڏيل خواب آهي. محمد ذيشان چيني ٻولي سکڻ لاءِ محنت ڪئي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي خلابازن کي هڪٻئي سان رابطي ۾ آساني ٿي. پاڪستاني خلاباز مشن ۾ پيل لوڊ اسپيشلسٽ طور ذميواريون ادا ڪندو. محمد ذيشان مائڪرو گريوٽي ماحول ۾ سائنسي تجربا ڪندو، جڏهن ته پاڪستاني ۽ چيني خلاباز مختلف سائنسي تجربا سرانجام ڏيندا. محمد ذيشان جي تاريخي خلائي اڏام سان خلائي تحقيق جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو نمايان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو