ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ وارن شهرن جي فهرست ۾ لاهور پهرين ۽ ڪراچي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب لاهور جي هوا جو معيار به انتهائي هاڃيڪار آهي.گدلاڻ وارن شهرن جي فهرست ۾ لاهور پهرين نمبر تي آهي، جتي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 354 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.دنيا جي وڏن آلودہ شهرن جي فهرست ۾ ڪراچي ٽئين نمبر تي رهيو، جتي هوا جو معيار به صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ۽ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 198 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.










