اسلام آباد)بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف جي هڪ اهم شرط پوري ڪندي کنڊ جي شعبي کي ضابطن کان آزاد ڪرڻ واري قومي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اها پاليسي آءِ ايم ايف جو اسٽرڪچرل بينچ مارڪ آهي. پاليسي تحت کنڊ جي قيمتن تي سرڪاري ڪنٽرول ختم ڪرڻ، نيون شگر ملون لڳائڻ تي پابندي ختم ڪرڻ ۽ کنڊ جي درآمد توڙي برآمد ۾ حڪومتي مداخلت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کنڊ جي برآمد تي ملندڙ سبسڊي به ختم ڪئي وئي آهي.ڪمند جي قيمت جو تعين مارڪيٽ تي ڇڏيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا سمورن صوبن جي اتفاق راءِ کان پوءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سمري تي سرڪيوليشن ذريعي کنڊ جي شعبي کي ضابطن کان آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏني.قومي پاليسي جي منظوري سان آبادگارن کي فائدو پهچڻ ۽ ڪاروباري مقابلي ۾ واڌ ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن سان کنڊ جي قيمت گهٽجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب سنڌ حڪومت اڳ ۾ ڪجهه قدمن تي خدشا ظاهر ڪيا هئا، جڏهن ته آءِ ايم ايف پاليسيءَ جي شرط پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي رضامندي کي ضروري قرار ڏنو هو. بعد ۾ سنڌ حڪومت 21 نومبر 2026ع تي لکيل خط ذريعي پاليسيءَ جي مسودي سان اتفاق ڪيو، جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي ان مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن جي سربراهي وفاقي وزير توانائي ڪئي. ڪميٽي آبادگارن جي تنظيمن، شگر ملن جي مالڪن ۽ صوبائي حڪومتن سان ڪيترائي مشاورتي اجلاس ڪيا. پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان اڳ ئي پاليسيءَ جي قدمن جي منظوري ڏئي چڪا هئا.ذريعن موجب منظور ٿيل پاليسيءَ ۾ درآمد ۽ برآمد لاءِ اڳواٽ طئي ٿيل نظام، برآمدي سبسڊي جي خاتمي ۽ صوبن وچ ۾ کنڊ جي چرپر جي اجازت شامل آهي، جڏهن ته 2026-27ع جي ڪرشنگ سيزن لاءِ عبوري انتظامن جي به منظوري ڏني وئي آهي.










