ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بلوچ ڪالوني ويجهو ايڊمنسٽريٽو ايمپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي بلاڪ فور ۾ اڏاوت هيٺ عمارت جون مٿيون ماڙيون اوچتو ڪري پيون. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته عمارت جي ملبي مان هڪ شخص جو لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته 10 زخمين کي پڻ ملبي مان ڪڍيو ويو. زخمين مان ڪجهه جي سڃاڻپ نادر حسين، شوڪت علي ۽ احمد جي نالن سان ٿي آهي. ريسڪيو اختيارين موجب، هڪ زخمي کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جا اطلاع آهن. اختيارين ٻڌايو ته 6 ماڙ عمارت ڪرڻ کان اڳ لڏڻ شروع ٿي وئي هئي، ملبي کي هٽائڻ لاءِ ڳري مشينري طلب ڪئي وئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ فنيشنگ جو ڪم هلي رهيو هو، جڏهن ته عمارت ۾ ڪو به رهائش پذير نه هو. ڪراچي جي ايڊمن سوسائٽي بلاڪ 4 ۾ ڪريل عمارت 600 چورس گز جي پلاٽ تي تعمير ڪئي وئي هئي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) موجب، پلاٽ تي گرائونڊ پلس 5 ماڙ عمارت تعمير ٿيل هئي، جڏهن ته رهائشي پلاٽ تي مبينا طور ڪمرشل اڏاوت ڪئي وئي هئي.ايس بي سي اي موجب، عمارت ۾ مبينا طور غيرقانوني فليٽن جهڙا رهائشي پورشن تعمير ڪيا پئي ويا. عمارت ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ ايس بي سي اي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون.
وزيراعظم پاران عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ شهري جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار
وزيراعظم شهباز شريف عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ هڪ شهري جي فوت ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.وزيراعظم فوتي جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين کي ترجيحي بنيادن تي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير جو نوٽيس، جاچ جو حڪم
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وڏي وزير ريسڪيو 1122، ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي گڏيل سهڪار سان امدادي آپريشن مڪمل ڪرڻ ۽ ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ ۽ ويجهن اسپتالن ۾ هنگامي انتظام ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو. مراد علي شاهه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي عمارت جي نقشي، تعميراتي معيار ۽ ممڪن غفلت بابت جاچ ڪري واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير ويجهن عمارتن جو حفاظتي معائنو ڪرڻ ۽ ڪنهن به غيرقانوني تعمير يا غفلت جي صورت ۾ ذميوارن جو تعين ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ انساني زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي امدادي ڪاررواين جي مسلسل نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪندي واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.










