ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پاڪستان کي پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ کٽڻ جي لاءِ 274 رنسن جو حدف ڏئي ڇڏيو آهي. ٽن هڪ ڏينهن واري ميچ جي سيريز جو پهريون ميڄ اڄ سپر اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏيو پيو وڃي.پاڪستان ڏکڻ آفريقا جي خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. شروعاتي چار وڪيٽون جلدي ڪرڻ جي باوجود ميزبان ٽيم مقرر 50 اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 273 رنسون ٺاهي ورتيون.ڏکڻ آفريقا جي وان ڊرڊيوسن 123 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف 2-2 فهيم اشرف ۽ محمد حسنين هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان جي ٽيم ۾ حسن علي کي شامل ناهي ڪيو ويو جڏهن ته دانش عزيز پاڪستان طرفان پنهنجو ڊيبو ڪندو.










