پي ايس ايل سڪس شيڊول تي وڌيڪ اعتراض سامهون اچي ويا

ڪراچي ( رپورٽر)پي ايس ايل 6 جي مجوزه شيڊول تي وڌيڪ اعتراض سامهون اچي ويا جڏهن ته هڪ ٻي فرنچائيز پنهنجا سوال اٿاريا.پي سي بي جي اهم گڏجاڻي اربع ٿيندي جنهن ۾ سمورن معاملن کي آخري شڪل ڏني ويندي بورڊ پاران 2 شيڊول ٽيمن کي ڏنا ويا هئا، هو صلاح کانپوءِ عملدارن کي پنهنجي راءِ ڏيندا.ذريعن موجب پي سي بي لاءِ سڀني کي خوش رکندي شيڊول ٺاهڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، نئين فنانشنل ماڊل وغيره تي سموريون ٽيمون هڪ ئي ڳالهه ڪن ٿيون پر شيڊول جي معاملي تي سڀني جو پنهنجو موقف آهي، هڪ شيدول ۾ ڏينهن ۾ 2 ميچز جڏهن ته ٻئين شيڊول ۾ هڪ ميچ جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر ٻه مقابلا ٿيندا.پي سي بي اڃان ايونٽ جي تاريخ جو فيصلو ناهي ڪيو پر گذريل ڏينهن ۾ جون جي مهيني جي ڳالهه ٿي هئي پر فرچائيز مئي جي آخر ۾ شروعات تي به راضپو ڏيکاريو آهي، هوٽل، بائيو سيڪيور ماحول ۽ پرڏيهي ڪرڪيٽرز جي موجودگي ڏسي ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو