پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪرنل رٽائر آصف زمان کي ملڪ ۾ راندين کي ترقي واٺرائڻ واري اداري پاڪستان اسپورٽس بور جو نئون ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان وفاقي حڪومت نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق آصف زمان کي ٽن سال لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، البت مقرري کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم سان مشروط ڪيو ويو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي جي اسپورٽس بورڊ جي مقرري جي سلسلي ۾ پٽيشن داخل ٿيل آهي.ياد رهي ته ملڪ ۾ راندين جي واڌ ويجهه لاءِ قائم اداري پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ گذريل ٻن سالن کان مستقل سربراهه ناهي ۽ ماتحت آفيسرن کي اضافي چارج ڏئي معاملا اڪلايا پئي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو