ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان جي ڪلين سوئيپ جو امڪان واضح

هراري (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي زمبابوي خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ به اننگ سان کٽڻ جو امڪان آهي. پاڪستان کي هڪ وڪيٽ گهرجي ۽ زمبابوي کي فالو آن جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ 158 رنز گهرجن. زمبابوي پنهنجي پهرين اننگ شروع ڪئي ته 132 تي سڄي ٽيم ڍير ٿي وئي، رجس چڪابوا 33، ليوڪ جونگوي 19 ۽ ڊونلڊ ٽريپانو 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا. حسن علي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ساجد خان 2، شاهين آفريدي ۽ تابش خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. زمبابوي فالو آن تي مجبور ٿيو ۽ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي اننگ ٽئين ڏينهن شروع ڪئي ته اوپنر ڪيون ڪاسوزا 22 رنز تي آئوٽ ٿيو، وڪٽ ڪيپر رجس چڪابوا 80، ڪپتان برينڊن ٽيلر 49 رنز ٺاهي نمايا بيٽسمين رهيا. ليوڪ جونگوي 31 ۽ بليسنگ بنا رن ٺاهي وڪيٽ تي موجود آهن.  زمبابوي جا 9 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا آهن. ٻئي اننگ ۾ نعمان علي 5 ۽ شاهين آفريدي 4 وڪيٽون ورتيون آهن.

ياد رهي ته پاڪستان 510 رنز 8 آئوٽ تي اننگ ڊڪليئر ڪئي هئي. جنهن ۾ اظهر علي سينچري ۽ عابد علي ڊبل سينچري اسڪور ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو