ملڪي ڍانچو تباه ڪندڙ ٻوڏ ۽ لکين بي گهر متاثرن وارو الميو  !!!

ملڪي ڍانچو تباه ڪندڙ ٻوڏ ۽ لکين بي گهر متاثرن وارو الميو  !!!

محمد اسماعيل لانگاھ 
هن سال تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ عرصي مسلسل ٻن مهينن تائين وسندڙ برساتون جيڪي 3 جولاء کان آگسٽ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ويندي ويندي ملڪي ڍانچو تباه ڪري موڪلائي ويون، برساتن جي موڪلاڻي تباهين ۽ بربادين ۾ لکين ماڻھن کي بي گهر به ڪري وئي آهي، هن وقت سنڌ جي ڪاوسندي واهڻ شهر ناهي جتي برسات جي پاڻي جي گهيري ۾ نه هجي هرطرف قيامت جهڙا منظر نظر اچي رهيا آهن روڊ رستا پليون گهر جيڏانهن نظر وڃي ٿي اتي ماروئڙن جو دانهون ۽ آنهون ٻُڌڻ ۾ اچن پيون
تازين برساتن ۾َ ٿيل تباهي ۾ سرڪار جي ناڪامين ڪوتاهين کي به رد نٿو ڪري سگهجي برساتن کان اڳ موسميات کاتي سرڪاري عملدارن کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ته تيز برسات سبب شهري ٻوڏن جو خطرو آهي انجي باوجود اسانجي لاڳاپيل کاتي توڙي حڪومت ڪي به انتظام نه ڪيا ۽ ھن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي چُڪي آهي بلڪل شهر ٻوڏن جي لپيٽ هيٺ آھن 2010ع ٽوڙي بند ٽُٽڻَ کان ٻارنهن سالن بعد هن ڀيري سڄي سنڌ برساتي پاڻي نيڪالن ڪئنالن شاخن ڍنڍن جي پاڻي ۾ ٻُڏي رهي آهي پر اهڙن ٻوڏن کان انساني آبادين کي بچائڻَ لاء اسانجي حڪمرانن وٽ نه ئي ڪا جامع منصوبابندي آهي نه وري ڪي پاڻي جا متبادل لنگھ آهن جيڪڏھن اهي آهن به ته انهن تي خود سنڌ ڪابينا ۾ ويٺل ڪامورن جا قبضا آهن جيڪي پنهنجن فصلن ۽ پيداواري زريعن کي بچائيندي لکين انسانن کي ٻوڙي ڇڏين ٿا ۽ ھن وقت سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کي کڻي قدرتي قهر ئي سمجهون پر ان ۾ سنڌ سرڪار ۽ وزيرن مشيرن جو وڏو هٿ آهي، سنڌ ۾ انگريز سرڪار پاران ڪڍيل سم نالن شاخن ۽ ڪئنالن جي اسانجا موجوده حڪمران چڱي ريت سنڀال ڪندا اچن ته شايد اهڙن مصيبتن کي منهن نه ڏيڻو پوي پر اسانجي سڄي نظام جو انفرااسٽرڪچر تباه ڪندڙ ڪرپشن جو عمل آهي جنهن سڄو ملڪي ڍانچو ٻن ٿوڻينَ تي ڪري ڇڏيو
تازي آيل شهري ٻوڏ جنهن ۾ سنڌ جو ضلعو دادو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهن جنهن ۾ تاريخي شهر ڪي اين شاه سميت هزارين شهري ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ آھن ۽ اتان انسانن جي ايمرجنسي حالتن ۾ ٿيل نقل مڪاني ڪنهن جنگي حالتن جو منظر کان گهٽ نه هئي بس ڀيانڪ منظر نظر اچي رهيا آهن دادو ضلعي ۾ تباهي آڻيندڙ ايم اين وي ڊرين جيڪا هن وقت تباهي جو سبب بڻجي وئي آهي انکي لڳل گهارن جو پاڻي هن وقت دادو ضلعي جي ڪي اين شاه ۽ جوهي تعلقي ۾ جيڪا تباهي ڦهلائي آهي ان ۾ ٿيل نقصانن جو ازالو ٿيڻ ڏاڍو مشڪل آهي لکين ماڻھون ته جانيون بچائي نڪتا پر انهن جون مال ملڪيتون ٻنيون گهرن جو قيمتي سامان اکين آڏو ٻوڏ جي نذر ٿيو ويو جانيون بچائي نڪتل متاثرن جي اريبن رپيا ٿيل نقصانن جو ازالو ٿيندو يا نه اهو هڪ اهم سوال آهي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آيل علائقن ۾ سڀ کان وڏو نقصان زراعت کي پهتو آهي ۽ زراعت هتان جي علائقي جي لاء ڪرنگهي جي هڏي جيان تصور ڪئي وڃي ٿي ٻوڏ کان اڳ زمينن ۾ پوکيل زرعي فصلن ۾ وڏو فصل سارين جو پوکيل هو جيڪو مڪمل طرح ختم ٿي ويو ۽ اُن سان گڏ مرچ، بصر،جوئر، گُوار، به سئو فيصد تباه ٿي ويو آهي ۽ ھن آفت کي منهن ڏيڻَ لاء جوهي واسين جي جدوجهد کي سُرخ سلام هجي جنهن ۾ شهر جي ٻچي ٻچي راتيون جاڳي بچاءُ لاء ڏنل رنگ بند تي چوڪيدار ٿي بيٺا رهيا ۽ انهن پنهنجي 2010ع واري ساڳي جرئت ۽ ھمت جو مظاهرو ڪندي جوهي شهر کي پاڻي کان بچائڻ لاء رنگ بند  هڪ  مُٺ ٿي بيهي رهيا ۽ ھُنن جوهي کي بچائي ورتو،
هن وقت امدادي سرگرميون ته شروع نٿي سگهيون آهن اڃا ته صرف ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ محفوظ جڳهن تي پهچائڻ سلسلو هلي رهيو آهي هن ٻوڏ دوران ايتري تائين جو ماڻھن جي کائڻ لاء گهرن ۾ پيل ان داڻو به کڻڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، سکيا ستابا خاندان پناهگيرن جيان ٽينٽن ۽ پکڙن ۾ زندگي گذارڻ تي هن وقت مجبور ٿي ويا آهن جنهن جي مالڪي لاء سرڪار هن وقت سماجي تنظيمن، دولتمند ماڻھن، سرمائيدارن، ۽ عالمي ڊونرز ادارن ۽ ملڪن کان في الحال فنڊز ۽ امدادون گڏ ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، ٻوڏن ۾ ٻُڏي بندن ۽ محفوظ جڳهن تي ويٺل لکين ماڻھن کي صرف وقت تي ماني ڳڀي ملڻ جو انتظار آهي، پاڻي ختم ٿيندي ئي هو اباڻن اجهن جي نئين سر بحالي خود ئي ڪندا انهن کي سرڪاري امدادن جو ڪوبه انتظار ناهي پر هن وقت عين ٽائم متاثر لکين ماڻھن کي وقت سر ويلي تي ماني نه ملڻ جو فڪر آهي ۽ اهو عمل روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي وڃڻ سبب انتهائي مشڪل ۾ اچي ويو آهي جيستائين سرڪار انهن جي مالڪي ڪري اهي غريب بکئي پيٽ جي باه اُجهائڻَ لاء پريشان آهن ٻوڏ جو پاڻي ته ختم ٿي ويندو پر ان جي تباهين جا ڀيانڪ نشان لکين ماڻھن جي دلين ۾ خوف جي علامت جيان جيئندو رهندو
هي سال مُلڪي تاريخ جو بدترين برساتن ۽ ٻوڏ وارو سال تصور ڪيو ويندو جنهن ملڪ جي چئني صوبن کي لپيٽ ۾ آندو سڄو ملڪي ڍانچو برباد ٿي چُڪو آهي ملڪ کي هن ٻوڏ ۾ تباه ٿيل سڄي انفرااسٽرڪچر جي نئين سر بحالي کي ڪيئن ممڪن بڻائي سگهبو هڪ طرف قدرتي آفتون ٻي طرف حڪمرانن جي ناڪاره ڪارڪردگيون ڪڏھن به سُڌارا ۽ ترقي نٿي ٿي سگهي، ٻوڏن کان بچڻ لاء هرملڪ جي آبپاشي نظام ۾ انتهائي معياري سُڌارا ترقي ڏٺي وئي آهي نيڪال جو نظام پاڻي جي قدرتي لنگهن ۽ ٻوڏن جي صورت ۾ جمع ٿيندڙ پاڻي کي متبادل رستا فراهم ڪرڻ لاء اربين رپين جا نيڪال نظام اڳواٽ طعي ٿيل آهن پر اسانجي ملڪ کي هرڀيري درياه هجي يا سم نالا يا ڪئنال پنهنجي مرضي مطابق کوليا يا ڪٽ ڏئي لکين ماڻھن جي ذهنن ۾ ڳالھ رکي ويندي آهي ته هي سڀ ڪُجھ قدرت جي طرفان  آھي جيئن هن وقت دادو ضلعي ۾ تباهي آڻيندڙ ايم اين وي ڊرين سخت پاڻي جي دٻاءُ ۾ ھُجڻ باوجود انجي پاڻي کي ڇوڙ ڪرڻَ لاء ڪوبه رستو نه پيو ڏنو وڃي جيڪو پاڻي اڃا وڌيڪ تباهي ڦھلائڻ جي موڊ ۾ آهي ڪي اين شاه ۽ جوهي تعلقي کي گهيرو ڪندڙ ايم.اين وي ڊرين جو پاڻي وزير اعلي سنڌ ۽ ڪابينا ميمبرن لاء مٿي جو سُور بڻجي ويو ۽ باقي بچيل شهر ۽ ڳوٺن جي عوام وڏي مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هٿرادو ڪٽ ڪٿان به قبول نه ڪيو ويندو، وزير اعلي سنڌ ايم اين وي ڊرين کي ڪٽ ڏيڻ لاء زميني دورو به ڪري ويو پر ڪٽ جو فيصلو نه ڏئي سگهيو  ۽ ڪي اين شاه ۽ جوهي کانپوء دادو جي پسگردائي ۽ ڀان سيدآباد جي پسگردائي پاڻي جي فل نشاني تي بيٺل آهن الله نه ڪري جيڪڏھن ايئن ٿيو ته پوء انساني جانين جو الله واهي هوندو ائين ٿيڻ کان پهرين پاڻي کي متبادل رستو ڏئي وڌيڪ شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهي کان بچايو.وڃي 

پهنجو تبصرو موڪليو