تاشقمند: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فائٽر شاهه زيب خان تاشقمند ۾ جاري ايشين مڪسڊ مارشل آرٽس چيمپئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. مليل اڳاهين موجب، شاهه زيب خان فلپائن، چين ۽ قازقستان جي مضبوط حريفن خلاف شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري فائنل ۾ جاءِ بڻائي ورتي آهي. هي ايونٽ سعودي عرب ۾ ٿيندڙ ‘ايشين انڊور اينڊ مارشل آرٽس گيمز 2026’ لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ جي حيثيت رکي ٿو.شاهه زيب خان ايشين چيمپئن شپ ۽ ايم ايم اي (MMA) ورلڊ چيمپئن شپ جو برانز ميڊلسٽ پڻ رهي چڪو آهي. پاڪستان مڪسڊ مارشل آرٽس فيڊريشن جي صدر ذوالفقار علي اميد ظاهر ڪئي آهي ته شاهه زيب خان فائنل ۾ به ڪاميابي ماڻي پاڪستان لاءِ گولڊ ميڊل کٽيندو ۽ قومي جهنڊو بلند ڪندو.










