ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، سنڌ حڪومت جي قانون واري صلاحڪار ۽ ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه مقامي سطح تي راندين کي فروغ ڏنو آهي ته جيئن نوجوان ۽ اڀرندڙ رانديگرن کي پنهنجي صلاحيتن کي اعليٰ سطح تي ڏيکارڻ جا موقعا فراهم ڪري سگهجن. فٽ بال غريب ۽ وچولي طبقي جي سڀ کان محبوب راند جنهن ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ مسلسل محنت ۽ تربيت جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ڪالوني فوٽبال گرائونڊ ۾ منعقد ٿيل فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ کانپوءِ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي پ اڳواڻ ڪرم الله وقاصي، سي بي سي جي وائيس چانسلر چيئرمين نجيب ولي، ڪائونسلر حميد چانڊيو، جميل احمد، بابر جمال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ انهن جي راند جي معيار کي ساراهيو. هن چيو ته سٺو فٽبالر بڻجڻ لاءِ نه رڳو جسماني فٽنس ۽ اسٽيمينا جي ضرورت آهي پر راند جي بنيادي ٽيڪنڪ، مهارت ۽ سمجهه جي به ضرورت آهي، يقيناً فٽبال جي راند سڄي دنيا ۾ تمام ترقي ڪئي آهي ان ۾ نئين ٽيڪنيڪ ۽ نوان طريقا استعمال ٿي رهيا آهن، اسان وٽ ڪيترائي بين الاقوامي معيار جا فٽبالر ۽ ڪوچز به آهن جيڪي نوجوان رانديگرن کي تربيت ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي فٽبال ڪلب آهن، انهن وچ ۾ ٿيندڙ مقابلا عوام جي توجع جو مرڪز هوندا آهن، فٽبال جي ترقيءَ لاءِ وڌ کان وڌ فٽبال گرائونڊ ٺاهڻ گهرجن جتي سموريون سهولتون موجود هجڻ گهرجن، شهري انتظاميا ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته مقامي سطح تي فٽبال ٽورنامينٽ منعقد ڪرايا وڃن جو معيار کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ۽ پاڪستاني نوجوان به ان طرح کيڏن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪن، ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ ان موقعي تيفائنل ميچ ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن ۽ آرگنائيزرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن تي زور ڏنو ته هو محنت ڪندا رهن ۽ پنهنجي ٽورنامينٽ جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهن. مرتضي وهاب انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ فاتح ۽ هارائيندڙ ٽيم کي ٽرافي ڏني ۽ بهترين راند جو مظاهرو ڪندڙ رانديگرن کي ميڊل ڏنا، ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي عوام ۽ ملي گهلي ويو جنهن تي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ انهن جيئي ڀٽو جا نعرا لڳايا










