حق باهو ڪرڪٽ ٽورنامنٽ، جيئي سنڌ اليون هارائي وئي

مبارڪپور ( ن س )سائين جمن شاه جي درگاهه ڀرسان هڪ شاندار پهرين حق باهو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿي گذري جنهن جي فائينل مئچ مٺل شاه اليون ۽ جيئي سنڌ اليون وچ ۾ ٿي، جيئي سنڌ اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 7 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي 85 رنس اسڪور ڪيون، جواب ۾ مٺل شاه اليون 86 رنسن جو حدف حاصل ڪرڻ لاء ميدان تي لٿي، جنهن 3 رانديگر جي نقصان تي مليل حدف پورو ڪري فائينل مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتي.

فائينل مئچ  ۾ عاشق علي ڪورار بهترين ڪارڪردگي تي مين آف دي مئچ رهيو، هوڏانهن فائينل مئچ جو مهمان خاص ڊاڪٽر سڪندر مائري فاتح ٽيم جي ڪپتان مصباح ڪورار کي ٽرافي ۽ ڪامياب رانديگرن کي انعام پڻ ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو