facebook photo

سرفراز احمد پاران بابر اعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ قائد اعظم ٽرافي ۾ سنڌ ٽيم جي موجوده ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته هن وقت تنقيد ڪرڻ بهتر ناهي ڇاڪاڻ ته هن وقت نئين ٽيم ۽ نئين مئنيجمينٽ آهي. سرفراز احمد چيو ته قائداعظم ٽرافي ۾ سنڌ لاءِ ايندڙ ميچ تمام گهڻي اهميت واري آهي پويون ميچ بارش سبب متاثر ٿيو ان ڪري هن مهل تائين ڪا به ميچ کٽي نه سگهيا آهيون ليڪن اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان آخري چارئي ميچون کٽيون. سنڌ ٽيم جي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته رانديگرن تي خراب ۽ سٺو وقت ايندو رهندو آهي فخرالزمان ڪالهه تائين پاڪستان جو هيرو رهيو آهي منهنجيون خواهشون بابر اعظم سان گڏ آهيون. سرفراز احمد ٻڌايو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ۽ وسيم خان ڊوميسٽڪ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو چيو آهي منهنجون دعائون هميشهه پاڪستاني ٽيم سان گڏ آهن ۽ اميد آهي ته اسان ٽيسٽ سيريز ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو