سريلنڪا کي شڪست ڏئي پاڪستان ٽيسٽ سريز کٽي ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٻئي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن پاڪستاني بالرن جي بهترين ڪارڪردگي سريلنڪا جي بيٽنگ لائن تباهه ڪري ڇڏي جنهن سبب سڀاڻي آخري ڏينهن تي پاڪستان کي فتح لاءِ صرف 3 وڪيٽن جي ضرورت آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي 264 رنسن جو پهاڙ عبور ڪرڻو پوندو. ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن جي اختتام تي 476 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سريلنڪا جا 7 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. اوشاده فرنينڊو جي ناقابل شڪست سينچري باوجود سريلنڪا مجموعي طور تي صرف 212 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان طرفان حارث سهيل، محمد عباس، شاهين آفريد ۽ ياسر شاهه هڪ هڪ جڏهن ته نسيم شاهه 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. سريلنڪن بيٽسمين اوشاده فرنينڊو کان علاوهه ڪو به رانديگر پاڪستاني بالرن اڳيان بيهي نه سگهيو. پاڪستان لاءِ واحد خطرو اوشاده فرنينڊو هن مهل به 102 رنسن سان ڪيريز تي موجود آهي. واضح رهي ته شان مسعود ۽ عابد علي کان پوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي ۽ بابر اعظم به سريلنڪا خلاف بهترين راند جو مظاهرو ڪندي سينچريون اسڪور ڪيون آهن. پاڪستان سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 476 رنسن جو هدف ڏئي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن تي پاڪستان پنهنجي ٻي اننگ ماني جي وقفي تي 3 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 555 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي. قومي ٽيم پنهنجي ٻي نامڪمل اننگ جي شروعات ڪئي ته اظهر علي 57 ۽ بابر اعظم 22 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هيا. ٻنهي رانديگرن تيز رفتاري سان پنهنجي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌائيندي سينچريون مڪمل ڪيون. اظهر علي پنهنجي ڪيريئر جي 16هين سينچري اسڪور ڪئي هو 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جڏهن ته هي ان جي ڪيريئر جي 16هين ۽ سريلنڪا خلاف 6هين سينچري هئي. بابر اعظم پنڊي ٽيسٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ به سينچري اسڪور ڪئي ۽ 100 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هن 130 بالن تي 7 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي. محمد رضوان به 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڪنهن ٽيم جي ابتدائي 4 رانديگرن سينچريون اسڪور ڪيون آهن. پاڪستان طرفان شان مسعود، عابد علي، اظهر علي ۽ بابر اعظم سينچريون ٺاهيون. واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارت جي ابتدائي 4 رانديگرن 2007 ۾ بنگلاديش خلاف سينچري اسڪور ڪيون هيون ڀارت طرفان وسيم جعفر، دنيش ڪارتڪ، راهول ڊريوڊ ۽ سچن ٽنڊولڪر سينچري اسڪور ڪيون هيون. ياد رهي ته سريلنڪا خلاف ٻئي ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ پاڪستاني رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو آهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تي پاڪستان سريلنڪا تي 315 رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي هئي. عابد علي 174 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو ۽ شان مسعود 135 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. پاڪستاني اوپنرز 18 سالن بعد سينچريون اسڪور ڪيون آهن. اڳ ۾ 1997 ۾ عامر سهيل ۽ اعجاز احمد ويسٽ انڊيز خلاف 298 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ قائم ڪئي هئي. ان کان اڳ 2001 ۾ به سعيد انور ۽ توفيق عمر بنگلاديش خلاف سينچريون ٺاهيون هيون. اها سعيد انور جي آخري ۽ توفيق جي پهرين ٽيسٽ ميچ هئي. ڪپتان اظهر علي 57 ۽ بابر اعظم 22 ناٽ آئوٽ ڪيريز تي موجود هيا. عابد علي جاويد ميانداد جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. ميانداد ابتدائي ٻن ميچز ۾ 319 رنز ٺاهيون هيون جڏهن ته عابد علي 321 ٺاهيون. پنهنجي نامڪمل ٻي اننگز جي شروعات ڪئي ته عابد علي 32 ۽ شان مسعود 21 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هيا. ٻنهي رانديگرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌائيندي سريلنڪا جي پهرين اننگ جي برتري ختم ڪئي. عابد علي راولپنڊي ٽيسٽ بعد ڪراچي ٽيسٽ ۾ به شاندار سينچري اسڪور ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو