ٽنڊوباگو(رپورٽ:ڄام سھيل سمون)مير غلام محمد خان ٽالپر اسٽيڊيم تي هلندڙ سنڌ رينجرس ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ڇهين ميچ ۾ بدين بريوُ ايم جي ايم ٽنڊوباگو کان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 147 رنسون اسڪور ڪيون. بدين بريوُ جي رانديگرن شاه رخ 32 رنسون، راشد 25 رنسون ۽ ولي 23 رنسون اسڪور ڪيون. ايم جي ايم ٽنڊوباگو جي بالر معظم 3 اوورن 2 رانديگر آئوٽ ڪيا، غلام رسول ۽ فهد چار چار اوور ڪرائي ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. موٽ ۾ ايم جي ايم ٽنڊوباگو جي ٽيم 20 هين اوور ۾ 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي 152 رنسون اسڪور ڪري 3 وڪيٽن تان ميچ کٽي ورتو. ايم جي ايم جي رانديگر 60 بالن ۾ 3 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هڻي 84 رنسون اسڪور ڪيون. عباس شاه 16 رنسون ۽ غلام رسول 13 رنسون اسڪور ڪيون. بدين بريوُ جي بالرن منصور 4 اوورن ۾ 3 وڪيٽون ورتيون. شاھ رخ 4 اوورن ۾ 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.










