چنڊ تي هوٽل ٺاهڻ جو تاريخي منصوبي جو  افتتاح جلد متوقع

چنڊ تي هوٽل ٺاهڻ جو تاريخي منصوبي جو افتتاح جلد متوقع

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي ڪمپني چنڊ تي دنيا جو پهريون هوٽل ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي 2032ع تائين مڪمل ڪري سياحن جي لاءِ کولڻ جو ارادو آهي.ڪمپني موجب اهو هوٽل زمين تي تيار ڪري خلائي مشن جي ذريعي چنڊ جي سطح تي منتقل ڪيو ويندو. شروعاتي طور تي هوٽل ۾ چئن مهمانن جي ترسڻ جا انتظام هوندا. جن کي چنڊ جا منظر، پنڌ هلڻ، گاڏي هلائڻ ۽ گالف جهڙا منفرد تجربا فراهم ڪيا ويندا.ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو ته تعمير جو عمل 2029 ۾ شروع ٿي سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته سموريون سرڪاري اجازتون ملي سگهن. هوٽل ۾ ترسڻ لاءِ شروعاتي قيمتون تمام وڌيڪ هونديون، مهمانن کان هڪ ملين ڊالر جي برابر رقم اڳواٽ ايڊوانس جي طور تي ورتي ويندي.ڪمپني موجب جيئن جيئن خلائي سياحت عام ٿيندي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي بالڪل ائين ئي جيئن شروعاتي دور جي هوائي سفر ۾ صرف امير شهري ئي سفر ڪري سگهندا هئا.ماهرن موجب اهو منصوبو خلائي سياحت جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب ثابت ٿيندو ۽ مستقبل ۾ عام سياحن جي لاءِ خلا ۾ رهائش جي امڪان کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو