ويسٽ انڊيز اٽلي کي 42 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ويسٽ انڊيز اٽلي کي 42 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ اٽلي کي 42 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ويسٽ انڊيز جي بالر شمر جوزف 4 اوورن ۾ 30 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون ۽ 4 ڪيچ به پڪڙيا. ٽاس کٽي اٽلي بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ گروپ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 165 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ اوپنر شئي هوپ 4 ڇڪن 6 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 75 رنز جي اننگ کيڏي. شرفين ردرفورڊ ۽ روسٽن چيز 24، 24 رنز ٺاهي نمايان رهيا. بعد ۾ بيٽنگ ڪندي اٽلي جي ٽيم18 اوورن ۾ 123 تي آل آئوٽ ٿي وئي. بينجمن منينتي 26، هيري منينٽي 8، جسٽن موسڪا 2 ۽ اينٿوني موسڪا 19 رنز ٺاهيون. هي ڀائرن جون جوڙيون آهن ۽ اٽلي جي ٽيم ۾ ٻن ڀائرن جون جوڙيون کيڏي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو