لاهور ٽيسٽ بعد ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جون مستيون

لاهور ٽيسٽ بعد ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جون مستيون

لاهور(ويب ڊيسڪ)ٽيسٽ ميچ کانپوءِ قومي ٽيم ۽ آسٽريلوي رانديگرن جي گپ شپ ڪندي من مستيون ڪيون. سندن اهرين سرگرمين جي دلچسپ وڊيو مداحن جون دليون کٽي ورتيون.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ڊيوڊ وارنر کي پنهنجي ڀرسان ويٺل ڪرڪيٽرن کي ٽيڪنڪ سيکاريندي يا ڪنهن ساٿي رانديگر جي نقل ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. ڪپتان بابر اعظم، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، ايلڪس ڪيري، عثمان خواجه ۽ مارنس لبوشين به ڊيوڊ وارنر جي انداز تي کلڻ لڳا. واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان جي دوري کانپوءِ پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي آهي. تاريخي ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي جڏهن ته سيريز جا پهريان ٻه ميچ بغير ڪنهن نتيجي ختم ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو