12 مئي جي شهيد ٿيل وڪيلن جو خون ڇا سستو هو!؟

12 مئي جي شهيد ٿيل وڪيلن جو خون ڇا سستو هو!؟

ايڊووڪيٽ عبيدالله
وقت گذرندي دير نٿي لڳي ۽ گذريل وقت وري واپس ناهي اچڻو، جيڪڏهن انسان ذات کي اها خبر هجي ته سندس زندگي جو ڏيئو اجهامڻ وارو آهي ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. مون کي اڄ به ياد آهي ته اهو 12 مئي وارو ڏينهن، جڏهن سال 2007ع ۾ ڪراچي جي روڊن کي سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي رت سان ريٽو ڪيو ويو هو، جڏهن هو پنهنجي سياسي ۽ قومي قيادت جي حڪم تحت هٿئين خالي ان وقت هٽايل چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي لءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ گڏ ٿيا هئا، ان ڏينهن سياسي ڪارڪنن وٽ صرف جهنڊا ۽ وڪيلن وٽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت وحشياڻي فائرنگ ڪئي وئي هئي ۽ کين ابدي ننڊ سمهاريو ويو، معزول چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتو ته هن کي ٻاهر نڪرڻ به نه پئي ڏنو ويو، اهڙو اطلاع ملڻ تي سياسي ڪارڪن ايئرپورٽ طرف وڌڻ لڳا ته وڪيلن جي منظم تحريڪ کان ڊنل تنهن وقت کان اقتداري ڌر، چور دروزاي وٽان انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، امن جي ويرين سڄي ڪراچي کي يرغمال بڻائي ورتو هو.
12 مئي واري سانحي کي اڄ 16 سال گذري چڪا آهن، پر افسوس ته اڄ تائين انهن شهيدن ۽ هٿئين خالي سياسي ڪارڪنن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي، قاتلن جي خبر هجڻ جي باوجود به انهن کي قانون جي گرفت ۾ نه آندو ويو، حالانڪه جنهن وقت انهن چورن چور دروازي کان اهڙي واردات ڪئي هئي ۽ ان احتجاج ۾ جتي ٻيون سياسي ۽ قومي پارٽيون شامل هيون، اتي وڪيل به ان سانحي جو شڪار ٿيا، جيتوڻيڪ اڄوڪي رولنگ پارٽي به ان تحريڪ ۾ شريڪ هئي، پر اڳتي هلي جڏهن انهن ٽيون ڀيرو سنڌ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته ان جي باوجود اڄ تائين متاثرن کي اها جماعت انصاف ڏياري نه سگهي. ساڳي ريت مختلف وقتن تي مختلف اتحاد جڙندا رهيا، پر انهن کي 12 مئي جي واقعي جا قاتل نظر نه آيا، سال 2007ع ۾ اهو پري پلان واقعو هو، پرويز مشرف جي ان دور ۾ مک وزارتون ايم ڪيو ايم وٽ هيون، پر انهي جماعت قانون ۽ انصاف جي سڀ ليڪا لتاڙي قاتلن ۽ رهزنن کي کُلي ڇوٽ ڏني، نتيجي ۾ نه رڳو 12 مئي وارو سانحو رونما ٿيو بلڪه ڪراچي جو امن تباهه ٿي ويو، صرف اهو ئي نه پر ان سانحي کي هڪ سال گذرڻ بعد ڪراچي ۾ هڪ ٻيو دردناڪ واقعو ٿيو، جڏهن ڪراچي سٽي ڪورٽ ڀرسان طاهر پلازه ۾ وڪيل برادري جي آفيسن کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو، اتي هٿيارن جي زور تي وڪيلن کي پڪڙي زنده ساڙيو ويو، ان واقعي دوران سڄي ملڪ ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو، ان واقعي ۾ به اهي ساڳيا عنصر شامل هئا، جن 12 مئي واري واقعي جي سازش سٽي هئي، پر هو هن ڀيري به اهڙو وحشياڻو واقعو ڪري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ان واقعي ۾ به ڪيترائي نوجوان شهيد ڪيا ويا، جيڪي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي واري تحريڪ ۾ سدائين چار قدم اڳڀرا هوندا هئا، پر انهن شڪارين کين به رستي تان هٽائي ڇڏيو. بهرحال، انهن جي رت رنگ لاتو ۽ اهي سمورا جج ٻيهر بحال ڪيا ويا، جن کي پرويز مشرف معزول ڪيو هو. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جن شهيدن پنهنجو رت وهايو، قربانيون ڏنيون، انهن کي اڄ تائين انصاف نه ملي سگهيو. نه ئي انهن شهيدن جي وارثن ۽ اولاد جي ڪا سار لڌي وئي، ايتري تائين جو خود وڪيلن جي بار توڙي سياسي سماجي ڌرين به انهن پونئيرن جي ڏکين گهڙين ۾ ساٿ نه ڏنو، جنهن سبب اڄ به هو رت سان ڳوڙها ڳاڙڻ سميت انصاف جا منتظر آهن.
اسين قانون سان سلهاڙيل وڪيل، دنيا جي ماڻهن جا ڪيس وڙهڻ لاءِ هر جاکوڙ ڪريون ٿا پر افسوس ته اڄ اسان جي انهن شهيد وڪيل ڀائرن جيڪي انهي تحريڪ دؤران شهيد ٿيا اڄ سوڌو انهن جا روح اسان کان انصاف جي گُهر ڪن ٿا ۽ شهيدن جا وارث به اڄ سوال ڪري رهيا آهن ته اسانجي وڇڙي ويل شهيدن جي خون سان ڪڏهن انصاف ٿيندو ۽ انهي 12 مئي جي شهيدن جا وارث اڄ اهو به سوال ڪري رهيا آهن ته عدليا جي بحالي لاءِ شهادت جو جام پيئندڙ اسانجي پيارن جي خونن سان ڪڏهن ته انصاف ٿيندو، جن کي ڪراچي جي روڊن تي رت سان وهنجاريو ويو هو!؟
advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو