سنڌ جي شاگردن جو مستقبل

تحرير جنيد علي ميمڻ

انسان جڏهن هن دنيا ۾ اچي ٿو ته ان کي سڀ کان پهريان شعور حاصل ڪرڻ  کان پوءِ جيڪو ڪم ڪري ٿو سا سکيا، سکڻ، سمجهڻ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي ۽ ان کي سڄي ڄمار پنهنجي زندگيءَ جو خاص حصو بنائي بهترين انسان ٿي معاشري ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري ٿو. پر سٺو انسان ٿيڻ لاءِ ان کي تعليم ۽ علم جي ضرورت پوي ٿي ان لاءِ هو درسگاهن ڏانهن رخ ڪري ٿو. ننڍپڻ کان ئي مائٽ ٻار کي درسگاهن ۽ تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ شروع ڪندا آهن ته جئين هو محنت ڪري پنهنجي منزل ماڻي سگهي ان ۾ ڪنهن جي زندڱي جو خواب آھي ڊاڪٽر انجنيئر وڪيل جج يا بزنس مين ٿيڻ ۽ شاگرد پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ ڪميشن امتحانن جو سهارو وٺن ٿا ليڪن بدقسمتي به اهڙي جو سنڌ جي شاگردن سان نا انصافيون ڪري سنڌ جي رهاڪن جي حق کائي ۽ ڪرپشن ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڊي هزارين شاگردن جي مستقبل سان کلواڙ ۽ تباه ڪري نمڪ حرامي ڪري رهيا آھن ٻاهرين صوبن جي شاگردن کي ڪوڙا جعلي ڊوميسائل  ٺاهي ڏئي سنڌي شاگردن جي حقن کي لتاڙيو ٿو وڃي خدارا انهن CSS آفيسرن کان هڪ پالتو ڪتو ڀلو جيڪو مالڪ جو کائي ڪري ان سان وفاداري جو ثبوت ڏئي. قرآن پاڪ ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو ته رشوت وٺڻ وارو ۽ ڏيڻ وارو ٻئي جهنمي آھن اي انسانو ان قيامت جي ڏينهن کان ڊڃو جڏهن توهانجو انصاف ٿيندو خدا پاڪ جي عدالت ۾ ڪهڙو منهن کڻي خدا جي اڳيان نازل ٿيندي اي ٻين جا حق ڦٻائيندڙ! تعليم دنيا جو اهو واحد هٿيار آھي جنهن کي اسن پرائي ڪري دنيا جي پوري نقشي کي بدلائي سگهون ٿا تعليم هر فرد جو بنيادي زيور آھي اڄڪلهه جي تعليم تمام جديد ٿي وئي آھي ليڪن پو۽ به ڪافي ماڻھو تعليم کي ڪاروبار ڪري استعمال ڪري رهيا آھن ۽ اسين تعليم جي شعبي تمام گهڻو پوئتي آھيون انهن جي ذميوار به اسان جي گورنمينٽ ۽ اڻ پڙھيل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز اهن جي بدمعاشي عام آھي ۽ اهي اسڪول انهن ڀوتارن جا گدام ۽ گڏهن جا واڙا لڳا پيا آھن ۽ وري جيڪڏهن ڪو آواز اٿاري ٿو ته انهن کي بندوق جي زور تي چپ ڪرايو ٿو وڃي۔ روسو انسان کي ” معاشرتي حيوان چئي ٿو “ ۽ ان ڳالھ جي پڻ وضاحت ڪندي اهو چئي ٿو ته انسان پنهنجي تعليم فطرت يا قدرت کان ئي حاصل ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ مطابق اصلي تعليم فطري صلاحيتن ۽ خوبين کي اجاگر ڪري ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي. جنهن لاءِ هن فطريت جو فلسفو تعليم جي شعبي ۾ متعارف ڪرايو. روسو پنهنجي هن فلسفي ۾ اهو پڻ چوي ٿو ته ٻار کي اهڙي تعليم ڏيڻ گهرجي جنهن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻار ۾ قوت، همت، خوش اخلاقي،اخوت، ڀائپي ۽ مساوات جا جذبا اجاگر ٿيڻ سان گڏوگڏ سندس شخصيت ۾ قوت برداشت جو مادو پڻ پيدا ٿي ۽ هو پنهنجي ذات کان هٽي ڪري معاشرتي ڀلائي لاءِ پاڻ کي توڙي پنهنجي زندگي کي وقف ڪري۔ تعليم ئي اسان کي معاشري ۾ اٿڻ ويھڻ عزت احترام سيکاري ٿي تعليم ئي انسان کي شعور ڏئي ٿي ۽ ان کي بنيادي حقن کان آگاهي فراهم ڪري ٿي اها تعليم ئي آھي جيڪا اسان کي اعلئ معراج تي پهچائي ڇڏيندي آھي سندس سوچ واري محدود دائري کي وڌائي ڪري هڪ روشن خيال انسان سان تعارف ڪرائيندي اهي تعليم اڄ جي دور ۾ جتي صلاحيتن جي وڌائڻ لاءِ انٽرنيٽ تي ڪيترائي وسيلا موجود آهن انهن جو استعمال ڪري اسين دنيا جي هر انهي صلاحيت کي پاڻ ۾ پئدا ڪري سگهون ٿا جنهن جو علم اڃان اسان جي تعليمي نصاب يا ادارن ۾ متعارف ئي ڪونه ڪرايو ويو آهي. اوهان جي هٿ ۾ جيڪا موبائيل فون آهي اها ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪري سگهي ٿي، انهي جي تعليم حاصل ڪرڻ سان ئي خبر ناهي ڪيترا وسيلا پئدا ٿي ويندا. اوهان مان اڪثر ٽڪ ٽاڪ ڏسندا هوندا ڪي ضرور ٺاهيندا به هوندا پر انهن ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اهو پليٽ فارم جنهن جوڙيو آهي اهو انهي مان ڪيترو ڪمائيندو هوندو!؟ صرف اهو نه ڪيترائي اهڙا مثال آهن جن سان اهو يقين ڏياري سگهجي ٿو ته هر فرد اهو ڪم ڪري سگهي ٿو جيڪو ٻئي ڪنهن فرد ڪيو آهي. تنهن ڪري سبب ڳولهي ڪجهه نه ڪرڻ جا گس وٺڻ کان بهتر آهي ته هر حال ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جا رستا ٺاهجن. سنڌ جي نوجوانن کي نوڪرين جي تلاش ۾ وقت زيان ڪرڻ بدران ڪاروبار جا وسيلا ڳولهڻ گهرجن ۽ انهي سان ٻين هزارين گهٽ تعليم وارن لاءِ نوڪرين جا دروازا کولڻ گهرجن      اسين نوجوان سنڌ جا تمام اهل اختيار رکڻ وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته خدارا سنڌ جي حقن کي نظراندا نه ڪيو وڃي سنڌي نوجوان جي روزگار لا۽ وسيلا پڻ قائم ڪيا وڃن انهن جي زندگي سان نه کيڏيو وڃن انهن حي حقن لا۽ به اسيمبلين ۾ آواز اٿاريو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پنهنجي گهر وارن جي مدد ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو