ڪولمبو: (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر صاحبزاده فرحان چيو آهي ته هو مسلسل 4 سالن کان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي، جنهن جو کيس فائدو ٿيو آهي.صاحبزاده فرحان، جنهن کي نميبيا خلاف ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، چيو ته هن پاور پلي ۾ وڌ کان وڌ رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، هو سينچري اسڪور ڪرڻ تي خوش آهي.پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته شروعات ۾ پچ بيٽنگ لاءِ آسان نه هئي، سلمان علي آغا ۽ شاداب خان جي سٺي پارٽنرشپ هئي.ياد رهي ته آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي 35 هين ميچ ۾ پاڪستان نميبيا کي 102 رنسن سان شڪست ڏئي سپر 8 اسٽيج لاءِ ڪواليفائي ڪيو. صاحبزاده فرحان گروپ اسٽيج جي هن اهم ميچ ۾ 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.










