ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فاسٽ بالر محمد شامي چيو آهي ته هاردڪ پانڊيا کي پنهنجي ڪاوڙ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڀارتي ميڊيا موجب محمد شامي 2022 جي آءِ پي ايل ۾ ساڻس پيش آيل واقعي جي ڪهاڻي ٻڌائي.اهو هو جڏهن هاردڪ پانڊيا ۽ محمد شامي گجرات ٽائيٽنز ۾ گڏ کيڏي رهيا هئا، هاردڪ پانڊيا ڪيچ نه وٺڻ تي محمد شامي کان ناراض ٿي ويو.ان واقعي بابت ڳالهائيندي محمد شامي چيو ته مان اڪثر اهڙين ڳالهين جو جواب نه ڏيندو آهيان پر جڏهن ڳالهيون خراب ٿينديون آهن ته ڳالهائيندو آهيان.هن چيو ته هاردڪ پانڊيا منهنجو سٺو دوست آهي، اسان ٻئي 10 سالن کان گڏ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون، هن ان ميچ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو ان وقت احساس نه هو.محمد شامي جو چوڻ آهي ته مون کي خبر ناهي ته مون ان وقت ڇا چيو هو، اسان کي اسڪرين تي لکين ماڻهو نظر اچن ٿا، اسان کي پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.










