چنائي(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ نيوزي لينڊ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي۔
گروپ ڊي جو هي ميچ ڀارتي شهر چنائي ۾ کيڏيو ويو، جنهن ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنس ٺاهيا۔
جواب ۾ ڪيويز 183 رنسن جو هدف 18هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو۔
نيوزي لينڊ طرفان ٽم سائفرٽ 65 ۽ گلين فلپس 42 رنسن سان نمايان رهيا۔
چنائي: ڊيرل مچل 25 ۽ مچل سينٽنر 17 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا۔
واضح رهي ته ٽورنامينٽ ۾ 20 ٽيمن کي چار گروپن ۾ ورهايو ويو آهي۔
ايونٽ جي پهرين ڏينهن 3 ميچون ٿيون، پاڪستان ٽيم گروپ اي ۾ پنهنجو پهريون ميچ نيدرلينڊز خلاف کيڏيو، جنهن ۾ پاڪستان ڪاميابي حاصل ڪئي۔










