مادام تسائو ميوزيم ۾ بينظير ڀٽو جي مجسمي جي نقاب ڪشائي

مادام تسائو ميوزيم ۾ بينظير ڀٽو جي مجسمي جي نقاب ڪشائي

دبئي (ويب ڊيسڪ) اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جو مجسمو اڄ دبئي جي مادام تساو ميوزيم ۾ لڳايو ويو.گلف نيوز موجب دبئي جي مادام تساو ميوزيم ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو مجسمو پهريون ڀيرو ڪنهن پاڪستاني شخصيت جو هوندو.اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي اڄ صبح يو اي اي پهتو، مجسمي جي پڌرائي واري تقريب ۾ ٻين معززين ۽ سفارتڪارن سان گڏ شرڪت ڪيائين.پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول پنهنجي دوري دوران پنهنجي اماراتي هم منصب شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪندو.ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي گڏيل عرب امارات پهتو، جتي هن صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.هڪ ڏينهن اڳ جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو دورو گڏيل عرب امارتن سان پاڪستان جي مضبوط لاڳاپن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل مثبت سهڪار جي عڪاسي ڪري ٿو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻئي ملڪ ڀائراڻن لاڳاپن کي مسلسل مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل فائديمند اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو