سورهيه بادشاهه جو مدفن ڪٿي آهي؟

سورهيه بادشاهه جو مدفن ڪٿي آهي؟

نواز ڪنڀر
حر تحريڪ جي حوالي سان اڄ به ڪيتريون ئي ڳالهيون حل طلب سوال، ۽ تاريخ تحقيق طلب آهي. انهن ۾ حر تحريڪ جي سرواڻ پير سيد صبغت الله شاهه شهيد سورهيه بادشاهه جي ٻيو ۽ آخري ڀيرو گرفتاريءَ کان وٺي شهادت تائين ۽ شهادت کان سندن آخري آرام گاهه تائين جون ڳالهيون شامل آهن. ٻين ڳالهين سان گڏ اها ڳالهه به اڃا تائين حل طلب ئي آهي ته سورهيه بادشاهه کي ڪٿي ۽ ڪيئن مدفون ڪيو ويو؟ ان سلسلي ۾ وقت بوقت مختلف ڳالهيون ميڊيا تي به اينديون رهيون آهن، پر حتمي ڳالهه ڪا به چئي نٿي سگهجي. سورهيه بادشاهه جو مدفن ڪٿي آهي؟ ان بابت ڄاڻڻ ۽ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ عام ماڻهن، محققن ۽ تاريخ جي شاگردن ڪجهه ڪوششون ضرور ڪيون آهن پر اهي به مڪمل طور تي ڪامياب نٿيون چئي سگهجن. سورهيه بادشاهه جي آخري آرامگاهه جي حوالي سان ٻه هنڌ هميشه سامهون ايندا رهيا آهن، هڪ ڪراچي ۾ بسم الله شاهه جي مزار ۽ ٻيو ايسٽولا ٻيٽ. جيتري قدر بسم الله شاهه جي مزار جو تعلق آهي، ته اتي سورهيه بادشاهه جي مدفن جي ڳالهه ان ڪري به ڪئي وڃي ٿي ته اتي موجوده پير صاحب پاڳاري جو ننڍو ڀاءُ ۽ سورهيه بادشاهه جي فرزند نادر علي شاهه جو اچڻ وڃڻ گهڻو ٿيندو هو. پاڻ ان مزار تي دعا گهرڻ کان علاوه ان جي سار سنڀال به لهندا هئا، پر نادر علي شاهه جي هي جهان ڇڏڻ بعد اتي هن گاديءَ جي ڪنهن به ٻئي فرد جي وڃڻ جا ڪي مستند اطلاع ناهن. جيڪڏهن نادر علي شاهه اتي سورهيه بادشاهه جو مدفن سمجهي ويندا هئا ته خاندان جو ڪو ٻيو فرد به ضرور اوڏانهن ويندو رهي ها، پر ائين لڳي ڪو نه ٿو. رهي ڳالهه ايسٽولا ٻيٽ جي، ته ان حوالي سان ڪيتريون ئي روايتون سامهون اچن ٿيون. ان سلسلي ۾ سڀ کان وڌيڪ مستند روايت سورهيه بادشاهه جي شهادت وقت موجود ميجر وصال محمد خان جي لڳي ٿي، جيڪو پوءِ سنڌ جو ملٽري انٽيليجنس جو چيف هو ۽ 1970ع ڌاري ميجر جنرل ٿي رٽائر ٿيو.
1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ جڏهن ٽنڊي آدم سان واسطو رکندڙ سنڌ جي ڪلاسيڪل وڏيري طور شهرت ماڻيندڙ چاچو شاهنواز جوڻيجو وفاقي وزير ٿيو، ته سندس فرزند گل جوڻيجي کي اسلام آباد آرام ۽ علاج لاءِ اماڻيو ويو. گل ۽ آرام؟!! سو هن صاحب کي ”دي ٽيررسٽ“ پڙهڻ کانپوءِ آرام اڃا به وسري ويو ۽ هو اسلام آباد ۾ پنهنجي شهر واسي ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ ملٽري سيڪريٽري حسن عقيل جي معرفت وصال محمد خان جو پتو پڇائي، اسلام آباد کان ٽن ساڍن ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي اڪوڙا خٽڪ ۾ هڪ عام گهر ۾ رهندڙ وصال محمد خان وٽ وڃي پهتو. در کڙڪائڻ تي کيس گهر جي اوطاق ۾ ويهاريو ويو. گهر جي بجاءِ ٻاهرين در مان اوطاق ۾ هڪ قدآور وڏي عمر جي همراهه داخل ٿي اچي گل جوڻيجي سان هٿ ملايو. گل کيس ٻڌايو ته سانگهڙ جو آهيان ۽ وصال محمد خان سان ملڻ چاهيان ٿو. اهو همراهه بغير ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ جي گهران چئن پنجن ماڻهن جو هڪ بليڪ اينڊ وائيٽ فوٽو کڻي آڻي گل آڏو رکي پڇيو ته، ”هنن مان ڪنهن کي سڃاڻين ٿو؟“ فوٽو اهو هو، جنهن ۾ سورهيه بادشاهه کي ڦاهي ڏئي پوءِ ڪرسيءَ تي ويهاري ڪجهه اهم ماڻهن کي مڙهه ان نيت سان ڏيکاريو ويو هو ته جيئن کين پڪ ٿئي ته سورهيه بادشاهه هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا آهن. ان فوٽو پٺيان خود وصال محمد به نظر اچي ٿو. گل جي بقول ته، هن خان بهادر محمد حيات جوڻيجي کي سڃاڻي وصال محمد کي ٻڌايو ته، ٻين جي ته خبر ناهي پر هي همراهه محمد حيات جوڻيجو آهي. جنهن تي وصال محمد خان کي پڪ ٿي ۽ هن چيو ته، ”ها واقعي تون سانگهڙ جو جوڻيجو آهين. هاڻ ٻڌاءِ ڪيئن اچڻ ٿيو؟“
گل چيو، ”ٽي سوال کڻي آيو آهيان، انهن جا جواب کپن.“ چيائين: ”ڪهڙا سوال آهن؟ گل چيو، ”پير صاحب سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏني وئي هئي يا نه؟“ جنهن تي وصال محمد خان پنهنجي هٿ جي ٻن آڱرين سان “V” جو نشان ٺاهي پنهنجي اکين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، ”هنن اکين سورهيه بادشاهه کي ڦاسيءَ تي چڙهندي ۽ پوءِ جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ڏٺو آهي.“ سورهيه بادشاهه جي آخري آرام گاهه ڪٿي آهي، جي جواب ۾ وصال محمد خان ڏک وچان ٻئي هٿ سٿرن تي هڻندي چيو ته، ”آپ سائين لوگون ڪي يه هي تو بات هي، زنده ڪي قدر نهين ڪرتي اور مرني ڪي بعد روتي هو“. اهو چئي وصال محمد خان جا ايسٽولا ٻيٽ جي جاگرافي سمجهائيندي ٻڌايو ته، ”حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ کان پوءِ سندن مڙهه کي هيلي ڪاپٽر تي کنيو ويو. (اها ڳالهه جماعت ۾ به عام آهي)
ٺري، ماتليءَ واري پاسي جي سنڌ جي تمام وڏي پر وساريل تعليمدان، (جيڪو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري جي بنياد وجهندڙن منجهان به هو)، الهه بخش نظاماڻيءَ جي فرزند علي اڪبر نظاماڻي چواڻي ته، سندس والد جي بقول سورهيه بادشاهه جي ڦاسيءَ وقت جيل ۾ ٻه هيليڪاپٽر ۽ 6 يا ان کان مٿي هڪجهڙيون گاڏيون ۽ اوترائي هڪجهڙا تابوت آندا ويا هئا، جيڪي ڦاسيءَ بعد هڪ ئي وقت مختلف رخن ۾ روانا ڪيا ويا. انگريزن کي ڊپ هو ته متان حر حملو ڪري لاش زوريءَ نه کڻي وڃن. ان کان علاوه اتي موجود آفيسرن کان قسم کڻايو ويو ته هو ان بابت ڳالهه ٻاهر نه ڪڍندا. پوءِ وصال محمد خان هوائي نقشي جي ڊيگهه ويڪر ۽ ماپ ٻڌائيندي چوي ٿو ته، ڪهڙي نموني، سندس اڳيان هڪ ٻئي همراهه، جيڪو به هيليڪاپٽر ۾سوار هو، ان مٿان هوا مان صبح جي وقت مڙهه کي هيٺ ڪيرايو.
وصال محمد خان وڌيڪ ٻڌايو ته، سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ کان به اڳ، بلڪه ڪيس هلرائڻ کان به اڳ ڪيئن انگريز سرڪار جي عملدارن وچ ۾ بحث هلندڙ هو ته سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ بعد مڙهه کي ساڙي ڇڏجي، سمنڊ حوالي ڪجي يا ڪنهن بيابان حوالي ڪجي. پوءِ انگريز سرڪار مٿيون ٻئي ڳالهيون غير مذهبي هجڻ ڪري رد ڪيون ۽ ٿر جي چونڊ تي متفق ٿيا، پوءِ اهو سوچيو ويو ته ٿر ۾ ته هونئن ئي پير صاحب جي جماعت آهي، ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ۽ پير صاحب جي قبر انگريزن کي ڏکي پوندي، ان ڪري ايسٽولا ٻيٽ جي چونڊ ڪئي. بقول وصال محمد خان جي، اهو فيصلو ڪيس هلڻ کان به گهڻو اڳ ڪيو ويو هو. ان ڪري ايسٽولا ٻيٽ تي ڪافي سالن تائين اڳواٽ هڪ پوليس چوڪي قائم ڪئي وئي، جنهن جو ڪم رڳو اهو هو ته ٻيٽ تي ڪنهن کي به اچڻ وڃڻ نه ڏين، پر شهادت واري رات اها چوڪي ختم ڪئي وئي. اها پوليس چوڪي ڪراچي پورٽ ڀرسان ڊاگس ٿاڻي جي هڪ جمعدار ۽ چئن سپاهين تي مشتمل هئي ۽ اتي ارڙهن سال قائم رهي. ڦاسي واري رات ايس ايڇ او وڃي ٻيڙيءَ تي عملي کي واپس وٺي آيو. ٽئين سوال ۾ اهو پڇڻ تي ته سورهيه بادشاهه جو پروگرام ڇا هو؟ جي جواب ۾ وصال محمد خان تعجب مان پڇي ٿو ته، جيڪو ڪتاب سورهيه بادشاهه فقيرن لاءِ تحفي جي نالي تي جيل ۾ لکيو هو، سو ناهي ڇپيو ڇا؟ ان ڪتاب ۾ سڄو ذڪر آهي. اهو ڪتاب هڪ رجسٽر تي لکيل آهي ۽ ان جا ڪجهه حصا شايد شايع به ٿي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي نقطا لکيل آهن، جن مان 33 نمبر ۽ ڪجهه ٻيا ڏاڍا اهم ۽ دلچسپ آهن.
وصال محمد جي ڳالهه ته اتي ٿئي ٿي ختم، پر اڃا ڪجهه ٻيون شاهديون به ملن ٿيون. ميرپورخاص ۽ جهول روڊ تي گڙنگ ڳوٺ ويجهو کوهي مري برادري جي رهندڙ هڪ همراهه حاجي نبي بخش کان روايت آهي ته، هو ڪجهه عرصو اڳ ٻيڙي وسيلي ايران کان ايندي جڏهن ايسٽولا ٻيٽ ويجهو لنگهيو ته بقول سندس ته، اتي هڪ ڏيئو يا ڏيئي جيتري روشني ڏيندڙ ڪا شئي ٻرندي ڏسي ٻيڙي هلائيندڙ ملاح اشاري سان ٻڌايو ته اتي موجوده پير صاحب پاڳاري جو والد صاحب دفن ٿيل آهي. ان ملاح ته اها ڳالهه عام رواجي طور تي اتان لنگهڻ جي ڪري چئي ڇڏي، جيڪا ظاهر آهي، ان اتي جي ماڻهن کان ٻڌي هوندي، پر هن کي خبر نه هئي ته هو جنهن شخص سان اها ڳالهه ڪري رهيو آهي، اهو ڪهڙي علائقي ۾ ٿو رهي ۽ ان علائقي ۾ انهيءَ ڳالهه جي ڪيتري اهميت آهي، ۽ هي ڪيتري تاريخي ڳالهه آهي. ان ڪري انهيءَ ڳالهه ۾ ڪافي وزن آهي ۽ ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻي روايت هڪ سنڌي اخبار لاءِ ڪميشن تي اشتهار وٺندڙ اسلام آباد جي وفا صمدي پاران بيان ڪئي ويندي آهي. وفا صمدي، محمد خان جوڻيجي جي وزارت عظميٰ جي دور ۾ ڪنهن سپليمينٽ لاءِ اشتهار وٺڻ ۽ گڏوگڏ گهمڻ ڦرڻ لاءِ انهيءَ پاسي ويو ۽ پنهنجن دوستن جي معرفت ايسٽولا پهتو. اتي هن هڪ قبر جو ڏس ڏنو، جنهن لاءِ مقامي جهونن، جن سان هو پنهنجي دوستن معرفت اتي مليو هو، کيس ٻڌايو ته، اسان کي انگريز دور ۾ آفيسرن هڪ لاش هتي پورڻ لاءِ چيو. دفن ڪندي اسان هن جو چهرو ڏٺو. ڪجهه عرصي کانپوءِ اسان اخبار ۾ ان شخص جو فوٽو ڏٺو ته خبر پئي ته هي ته سنڌ جو وڏو پير هو.
انهن سڀني شاهدين مان، جيڪي مختلف وقتن تي مختلف ماڻهن ڏنيون آهن، لڳي ائين ٿو ته سورهيه بادشاهه جي آخري آرامگاهه ايسٽولا ٻيٽ تي ئي آهي. توڻي جو ڪن ماڻهن جو اهو به چوڻ آهي ته، کين حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏيڻ بعد جيل جي سامهون ئي دفن ڪيو ويو. اها قبر اڄ به جيل جي سامهون هڪ گهٽيءَ ۾ موجود آهي، ماڻهو اتي باسون به باسيندا آهن، ۽ ان ڳالهه ۾ ايترو وزن ناهي، پر ايسٽولا جي باري ۾ ايتريون سڀ شاهديون ملڻ جي باوجود اتي شڪ رڳو ان ڪري ٿو پوي جو نادر علي شاهه جو وڌيڪ اچڻ وڃڻ ڌوراجي ڪالوني ڪراچي ۾ بسم الله شاهه واري مزار تي هو، جتي جو انتظام اڄ به جماعت ۽ ان جي واسطيدار ماڻهن وٽ ئي ٻڌايو وڃي ٿو. ڪجهه ڪوششون منٺار مڱرئي پاران سورهيه بادشآهه جي ڦاسي وقت جيل جي ميڊيڪل آفيسر ميمڻ صاحب (پراڻا هالا جي جي ڊي ميمڻ ۽ اڳوڻي ڪمشنر ۽ ڄام صادق علي جي پرسنل سيڪريٽري سليم ميمڻ جي ويجهي مائٽ) جي پونئيرن سان ملي، ڪا خبر چار وٺڻ جي حوالي سان به ڪيون ويون، پر ڪاميابي نه ملي.
ايسٽولا ۽ بسم الله شاهه جي مزار وچ ۾ بظاهر ته گهڻو مفاصلو آهي ۽ ڪا به هڪجهڙائي ناهي، پر حر تحريڪ ۾ غازين پاران پنهنجن شهيدن جا لاش جيڪي دشمن جي علائقي ۾ دفنايا ويا، اهي رات پيٽ ۾ ڪڍي پنهنجي علائقي ۾ دفنائڻ جي تاريخ ۽ طريقيڪار کان جيڪي واقف هوندا، انهن لاءِ اها ڳالهه سمجهڻ ڏکي نه هوندي ته ٿي سگهي ٿو ته حرن هتي به اهڙي ڪا ڪارروائي ڪئي هجي، پر ان سلسلي ۾ اڄ تائين اهڙي ڪا ڳالهه سامهون نه آئي آهي. رهي ڳالهه وصال محمد خان پاران مڙهه کي هڪ بيابان ۾ هيليڪاپٽر ذريعي هيٺ ڪيرائڻ ۽ ڪجهه ماڻهن پاران ايسٽولا ٻيٽ تي آخري آرام گاهه جي، ته اهو ممڪن آهي ته هيليڪاپٽر وارن کان به انگريز سرڪار اها ڳالهه ڳجهي رکي هجي ته هيٺ ڇا پيو ٿئي ۽ انهن هيٺ اڳ ۾ ئي قبر وغيره جو بندوبست ڪيو هجي، پوءِ ان جو وقت کڻي هيليڪاپٽر واري وقت کان ڪجهه پوءِ جو ئي هجي. باقي رهي ڳالهه لاش وارثن کي نه ڏيڻ جي، ته سڄي حر تحريڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاسي چڙهي ويا، پر ڪنهن جو به لاش نه مليو، سواءِ امام بخش سنجراڻيءَ جي. انصاف جا علمبردار سڏائيندڙ انگريزن ته پيرو مل ڀرسان ملٽري جو وڏو نقصان ٿيڻ بعد حرن جا پيرا کڻي مهر ڀٽ ۾ ديڳ جي دمجڻ جي انتظار ۾ ويٺل ڇيڙ تي آيل ماڻهن کي زوريءَ کڻي گاڏين ۾ چاڙهي 19 ماڻهن کي هڪ ئي وقت ڦاسي ڏئي ڇڏي، جيڪو واقعو حر تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڦاسيون ڏيڻ جو واقعو آهي، جنهن ۾ اهو مَن ميربحر به شامل هو، جنهن کي محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجو مشهور ناول سانگهڙ منسوب ڪيو آهي. ان مسڪين جو لاش به نه مليو.
هي ته هيون مختلف ماڻهن پاران مليل روايتون پر موجوده پير صاحب پاڳاري کان مختلف وقتن تي مختلف اخبارن لاءِ جيڪي انٽرويو ڪيا ويا، اهو سڀ رڪارڊ حر هسٽاريڪل سوسائٽي جي صدر مير محمد نظاماڻي وٽ موجود آهي. ان رڪارڊ جي آڌار مير محمد جي بقول ته، پير صاحب هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته، ”هڪ ڀيري پاڪستان حڪومت کان نياپو مليو ته توهان کي سورهيه بادشاهه جو مڙهه ڏجي ٿو، انتظام ڪريو. اسان انتظام به ڪيا، پر پوءِ انڪار ڪيو ويو.“ ان جو مطلب ته سرڪار کي خبر آهي ته سورهيه بادشاهه جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي، پوءِ ٻڌايو ڇو نٿو وڃي؟ اهو اڄ به هڪ سوال آهي. سوال ته اهو به اڃا حل طلب آهي ته انگريز سرڪار هونئن ته هر ڳالهه جو رڪارڊ رکيو آهي، حر تحريڪ جو به سڄو رڪارڊ آهي، پر حر تحريڪ تي تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪندڙ پروفيسر محمد عمر چنڊ کان وٺي حر تحريڪ تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ سابق آءِ جي پوليس آفتاب نبي تائين سڀ انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته انگريزن جي توڙي پاڪستان جي ڪنهن به لائبريري يا رڪارڊ ۾ سورهيه بادشاهه جي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪيس هلائڻ ۽ آخري آرامگاهه متعلق رڪارڊ ڪٿي به ناهي. ان ڪري جو شايد جيئن مختلف ملڪن ۾ ڪي رڪارڊ هڪ مقرر وقت تائين عام نه ڪبا آهن، ائين اهو رڪارڊ به شايد ڪنهن خاص وقت تائين عام نه ڪيو وڃي. اهو ڪهڙو وقت آهي؟ ڪنهن ڇو مقرر ڪيو آهي؟ ڇا اهي ڳالهيون صحيح آهن ته ڪو پنجاهه سالن جو معاهدو ٿيل آهي؟ جي پنجاهه سالن جو معاهدو ٿيل آهي ته اهو پنجاهه سالن جو عرصو ڪڏهن کان ڪيستائين وارو آهي؟ ۽ ڇا ان ڪري ئي ڪو وڏو مطالبو نٿو ڪيو وڃي يا ڪو ڀرپور آواز نٿو اٿاريو وڃي؟ اهي سڀ اهڙا سوال آهن، جيڪي اڄ به جواب طلب آهن.
2003ع ۾ جڏهن سانگهڙ ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سرڪاري اداري ۾ اداري پاران (غير جماعتي بنيادن تي) علمي ادبي نموني سورهيه بادشاهه جي ورسي ملهائڻ جو پروگرام راقم الحروف جي چيئرميني ۾ جوڙيو ويو ته ڪافي ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. ڪن سرڪار جي ڪاوڙجڻ جي ڳالهه ڪئي، ته ڪن پير صاحب جي ناراض ٿيڻ جو بهانو ڪيو ۽ دڙڪو ڏنو، پر اها وري نه صرف لڳاتار ٻن سالن تائين ملهائي وئي پر اڄ سڄي سنڌ ۾ سورهيه بادشاهه جي ورسي انهيءَ نموني ملهائي وڃي ٿي، ڪنهن ڪجهه به نه چيو! يا جڏهن شهزادو چارلس پاڪستان جي دوري تي آيو ته نيو پريس ڪلب سانگهڙ جي دوستن وري به ”هن بندي“ جي اڳواڻيءَ ۾ سانگهڙ ۽ حيدرآباد ۾ بک هڙتالون ۽ مظاهرا ڪري مطالبو ڪيو ته انگريز سرڪار پنهنجي ڪيل زيادتين تي معافي وٺي متاثرين کي معاوضو ڏئي، ۽ سورهيه بادشاهه جو مدفن ٻڌائي. چوڻ جو مطلب ته اهڙا ڪم ٿيندا رهيا آهن، پر انهن کي اڃا وڏي واڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي، پوري قوت ۽ سگهه سان ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان سنڌي ماڻهن کان ته ايترو به ناهي ٿيو جو کڻي ايسٽولا ٻيٽ تان ئي ٿي اچون ۽ اتان حقيقتون گڏ ڪرڻ جي ڪوششون ڪريون.
ايسٽولا ٻيٽ، جنهن کي مقامي ٻوليءَ ۾ هيتلاري، يوناني ۾ نوسالا ۽ هندي ۾ ان کي ستاديپ سڏين ٿا، جڏهن ته هن کي آستالو ۽ اسٽولا به سڏجي ٿو، جيڪو اوڙمارا جي سامهون، حب جي ويجهو، لسٻيلي ضلعي ۾ آهي. ان جي باري ۾ مڪران جي گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته، هي ٻيٽ مڪران جي ڪناري کان سورهن ميل ۽ پني بندر کان 26 ميلن تي هڪ ويران ٻيٽ آهي. هن جي ڊيگهه ٽي ميل ۽ ويڪر هڪ ميل آهي. هن جي ٽن طرفن کان جبلن جي قطار، ڪنهن قلعي وانگر آهي. ڏکڻ اوڀر ڪنڊ ۾ هڪڙي ويران مندر جا به نشان هئا ۽ پٿرن جو جڙيل هڪ حوض به ڪنهن وقت هو. هتي اڳي مختلف ماڻهو سون ميڙڻ لاءِ به ايندا هئا. هتي شارڪ مڇي جو به ڏس ملي ٿو. عرب فاتحن هن علائقي جي آبهوا قمرنين (…) جي پرورش لاءِ بهترين هنڌ ڄاتو هو. سو اهو ايسٽولا ٻيٽ ايترو به پري ڪونهي، جو اسان هتي پهچي نه سگهون ۽ حقيقتون معلوم نه ڪري سگهون.
مٿين سڀني حقيقتن ۽ بحث کان پوءِ لڳي ٿو ته جي انگريز سرڪار فائيل ناهي ڏنو ته به خير آهي. اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت به گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، رڳو ٿوري همت ڪرڻ جي ضرورت آهي. رڳو پهرين وک وڌائڻ جي ضرورت آهي، اهو ڪنهن جي مفاد ۾ آهي يا نه، اها اڃا ٻي ڳالهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو