عبدالمجيدبروھي
ھن وقت سنڌ ۾ ساريالو فصل پچي تيار ٿي چڪو آھي ڪجھ ضلعن ۾ جتي پاڻي دير سان آبادگارن کي مليو اتي ساريون ھاڻي نيسر واري مرحلي ۾ آھي ھن سال سنڌ اندر قيامت خيز گرمي اڃا جاري آھي ان کان علاوا سيپٽمبر مھيني ۾ پوندڙ قيامت خيز گرمي خاص 48 ڪلاڪ مسلسل پوندڙ گرمي ۽ ھوا جي بندش جي ڪري سارين جي فصل کي ڪافي نقصان پھتو آھي ساريون 50 کان 75 پرسنٽ تائين پاپڙي جو شڪار پآھن سارين ۾ ان بدران صرف پپاڙي ڏسڻ ۾ اچي پيو جنھن سان آبادگارن ۽ ھارين جا سور ٽيڻا ٿي ويا آھن سندن ننڊ ڦٽي وئي آھي ھارين ۽ آبادگارن مان اڪثر جو چوڻ آھي تـ ھن سال ھائبرڊ ٻڄ اسان کي ڊيلرن ۽ دڪاندارن غير معياري ڏيڻ جي ڪري اسان جو ساريون نسرڻ بعد پاپڙي ۾ تبديل ٿي ويون آھي ھزارين لکين ايڪڙ ساريالو فصل اپت ڏيڻ بجاء نقصان جو شڪار آھي ان جو ازالو اسان کي سنڌ حڪومت انھن ڊيلرن ۽ دڪاندارن کان وٺي ڏئي جن اسان کي نقلي ٻڄ ڳري قيمت تي ڏنو ھيو اھي اسان جي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏين يا سنڌ حڪومت اسان کي نقصان ڀري ڏي ڪيترن ئي شھرن ۾ ايگريڪلچر ڊپارٽميٽ وارا ڇاپا ھڻي رھيا آھن پر انھن ڇاپن جو اطلاع اڳواٽ ڊيلرن ۽ دڪاندارن ۾ وٽ پھچي ٿو وڃي ان بعد ڇاپا مار ٽيمن جي اچڻ کان اڳ ڊيلر ۽ دڪاندار گودامن ۽ دڪانن کي تالا ھڻي فون بند ڪري گھرن ۾ آرام ڪندا آھن ڊيلرن ۽ دڪاندارن جو اھو چوڻ آھي تـ ھن سال پوندڙ قيامت خيز گرميء سبب صرف ھائبرڊ سارين جي ٻڄن کي نـ پر ايري 6 ڊينگلي ٻڄ کي بـ نقصان پھتو آھي قدرت وارو وڌيڪ رحم ڪري باقي ان ۾ ھائبرڊ ڪمپنين جو ڪو ڏوھ نـ آھي ھوڏانھن ھارين اھو پڻ چيو آھي تـ ڊيلر ۽ دڪاندارن وٽ پنج پنج سال پراڻو ٻڄ پيل ھيو جيڪي ايترا سال ٿيلھين ۾ بند ھجڻ جي ڪري غير معياري بڻجي ويون ھيون ھن سال ڊيلرن ۽ دڪاندارن ھارين ۽ آبادگارن کي اھو پراڻو ٻڄ ڏنو آھي جنھن سبب ھارين کي وڏو نقصان پيو آھي ان جو ازالو ٿيڻ گھرجي ۽ جاچ ڪري اھڙن ھاري ۽ آبادگار دشمنن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري ھارين سان انصاف ڪيو وڃي ھن وقت سنڌ اندر پنجاب ۾ سنڌو دريا مٿان ٺھندڙ امڪاني 6 ڪينالن خلاف پوري سنڌ جو عوام ھڪ آواز بڻيل آھي ان سلسلي ۾ سيد زين شاھ ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي پاران ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آھي ھن وقت نـ صرف قومپرست تنظيمون پر سنڌ جو ھر ماڻھون پنجاب ۾ ٺھندڙ انھن سنڌ دشمن ڪينالن خلاف آھي سنڌ اسميبلي مان ان خلاف قرارداد پاس ٿي چڪي آھي اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ سيد سردار شاھ پ پ پ جو واضع موقف پيش ڪندي انھن ڪينالن خلاف تمام سنڌ دوست پارٽين سان گڏجي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي پ پ پ سنڌ توڙي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان خلاف چٽو موقف ڏنو آھي باقي ھن وقت مخالفت براء مخالفت ڪرڻ جو موقعو نـ آھي سڀني کي گڏجي جدوجھد ڪرڻ گھرجي ۽ انھن ڪينالن کي ٺاھڻ وارو فيصلو واپس ڪرائڻ گھرجي
سنڌ کي سڪائڻ ۽ زرعي طور تي تباھ ڪري سنڌ واسين جو معاشي قتلام ڪرڻ جي لاء وفاق پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جون تياريون ٿي رھيون آھن ارسا ايڪٽ جي ترميم سان ھڪ اھڙو شخص ارسا چيئرمين مقرر ٿيندو جيڪو ڪجھ نـ ڄاڻ ھجڻ باوجود ارسا جا اھم فيصلا ڪري سگھي ٿو مثال طور تي ھن کي سنڌوء درياء جو پاڻي پنجاب کي ڏيڻ جو مڪمل اختيار ملي ويندو جنھن سان ھو سنڌو درياء تي ٺاھيل تونسا جھلم لنڪ ڪئنالن سميت ٻيا ڪئنال پڻ ٺاھڻ جي اجازت ڏئي سگھي ٿو ان کان علاوا صوبن پاران مقرر ڪيل ميمبرن کي ٻڌائڻ سندن کان پڇڻ بنا صوبن جو پاڻي گھٽ وڌ ڪري سگھي ٿو جنھن ورڇ تي صوبا راضي آھن ان مطابق ورڇ نـ ڪري تـ ان کان ڪير بـ پڇا نٿو ڪري سگھي ان ترميم سان سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندو سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي ڪلراٺي ٿي وينديون ان جي ڪري ئي پ پ پ جيڪا عوامي پارٽي آھي جنھن کي سنڌ جي ھارين آبادگارن ھميشا جيء ۾ جاء ڏئي ووٽ ڪرايو آھي ھاري آبادگار پ پ پ سچائي سان ساٿ ڏين پيا سندن کي بـ پ پ پ پاران ڪڏنھن ناھي وساريو ٻوڏ بعد کين ٻڃ ۽ ڀاڻ لاء پيسا ڏنا ويا انـبعد کي ھاري ڪارڊ ڏنو پيو وڃي آء سمجھان ٿو جيڪو سندن حق پڻ آھي ھاڻي بـ جڏنھن کان ن ليگ جي وفاقي حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو پلان جوڙيو آھي ۽ ۽ سنڌوء مٿان 6 ڪينال ٺاھڻ جي لاء ڪوشش ۾ آھي ان جي نشاندھي ۽ ڄاڻ بـ سڀ کان پھريان پ پ پ پاران ڪئي وئي قومي اسيمبلي ۾ پ پ پ ايم اين اي سيدخورشيداحمدشاھ دنھوادار تقرير ڪندي چيو تـ اسان ڪنھن بـ صورت ۾ ان ترميم کي قبول نـ ڪنداسين ان کي اسيمبلي ۾ پاس ٿيڻ نـ ڏينداسين ان ترميم سان سنڌ تباھ ٿيندي بلوچستان کي اڳ ئي پاڻي کوٽ کي منھن ڏيڻو پئجي پيو ھاڻي وري سنڌ کي سڪائڻ جو پلان جوڙيو ويو آھي جيڪو قابل قبول نـ آھي ڪنھن بـ صورت ۾ اسان کي سنڌوء مان 6 ڪينال ڪڌڻ قبول نـ آھي سيد خورشيد شاھ جي نشاندھي بعد سنڌ جا ڪجھ نادان دوست جاڳي پيا آھن اچي وٺ وٺان ۾ لڳي ويا آھن تـ اھو ڪم پ پ پ جي آشيرواد سان ٿي رھيو آھي آء پنھنجي انھن محترم دوستن کي گذارش ڪندس تـ جيڪڏنھن پ پ پ ان ۾ شامل ھجي ھا تـ پوء سرعام قومي اسيمبلي ۾ انجي مخالفت نـ ڪري ھا ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اينٽي ٿل ڪئنال جي سابق ڪنوينر پ پ پ سنڌ جي بھادر صدر نثاراحمد کھڙو پاران ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني تبديلي ۽ امڪاني ٺھندڙ 6 ڪينالن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري ان کي سنڌ اسيمبلي مان رد ڪري ان جي مڪمل رستا روڪ ڪئي وئي آھي جيڪڏنھن پ پ پ ان ترميم جي حامي ھچي ھا تـ پوء ان جي خلاف سرعام قومي اسيمبلي ۾ اٿي بيھي مخالفت نـ ڪن ھا ۽ سنڌ اسيمبلي مان قراردادپاس نـ ڪرائين سينيٽر شيري رحمان پاران سينيٽ انھن ڪينالن کي رد ڪري چڪي آھي تـ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌوء سان ڇيڙ ڪرڻ صوبن کي ٽوڙڻ براربر آھي ان ايڪٽ پاڪستان جي خلاف ٿا سمجھون ھن چيو تـ ھن سنڌ اڳ پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھي آھي وڌيڪ ترميم ڪري سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ سان سنڌ ۾ بغاوت پيدا ٿيندي ان جي ڪري وفاقي حڪومت وفاق مضوط ڪري ۽ ھن غلط عمل کان پاسو ڪري پ پ پ سنڌ پاران ارسا ايڪٽ خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويا ۽ پ پ پ سنڌ سنڌ دشمن ڪينالن خلاف تمام سنڌ دوستن سان گڏجي احتجاج ڪرڻ لاء تيار آھي جيڪڏنھن قومپرست اتحاد نـ بـ ڪندا پوء بـ پ پ پ اڪيلي سر ان ڪينالن خلاف اٿندي ۽ احتجاج ڌرڻا ھڻندي ۽ ان ڪينالن کي ٺاھڻ وارن کي روڪي ڏيکاريندي باقي رھي ڳالھ صدر اسلامي جمھوريا پاڪستان آصف علي زرداري جي تـ ھو ان تي صحيح نـ ڪري پھرين ڳالھ تـ ان سنڌ دشمن ڪينالن جي ٺاھڻ واري ترميم ۽ بل ھڪ تـ ن ليگ وارا ڪنھن بـ صورت ۾ اسيمبلي مان پاس نـ ڪرائي سگھندا پ پ پ ۽ ٻيون پارٽيون انھن جي رستا روڪ ڪندا پر پوء بـ سنڌ واسي بي فڪر ٿين سنڌ واسين جي لاء صدر زرداري کان وڌيڪ ڪير بـ قومپرست ۽ ھمدرد نـ آھي صدر زرداري ان ترميمي ايڪٽ سنڌ دشمن ڪينالن واري ان مسودي تي صحيح ھر گز نـ ڪندو پر صدر زرداري جي صحيح نـ ڪرڻ باوجود 15 ڏينھن بعد اھو قانون ۾ شامل ٿي بـ ويو پوء پ پ پ انجي خلاف ھر محاذ تي احتجاج ڪري ان تي عمل کي روڪي ڏيکاريندي سنڌ واسي بي فڪر ٿي وڃن صدر زرداري کان وڌيڪ ڪير بـ سنڌ دوست نـ آھي ۽ پ پ پ کان وڌيڪ ٻئي ڪا بـ پارٽي سنڌ جي ھارين جي لاء ويڙھ ناھي ڪندي جيسيتائين پ پ پ آھي تيسيتائين سنڌ خلاف ٿيندڙ ان ترميم کي ڪير بـ پاس نٿو ڪرائي سگھي قومي اسيمبلي کان ويندي سپريم ڪورٽ ۽ احتجاجن تائين وڃي پ پ پ ان سنڌ دشمن ترميم جي رستا روڪ ڪندي










