سيد زوارحسين شاهه
سنڌ جي تاريخ جي بد ترين بلدياتي اليڪشن 26ن جون 2022 تي ڏٺي وئي آهي ، جڏهن ته پاڪاتان تحريڪ انصاف سماج سڌارڪ تنظمين پاران بار بار بلدياتي اليڪشن ۾ امان امان بحال رکڻ لاء مڪمل پاڪ فوج رينجرس جي سيڪيورٽي لاء چيو ويو پر انتهائي تعڳجب خيز واقعه پيش آيا جنهن ۾ خوني ويڙهه جا واقعه به رونما ٿيا جنهن کان پوء ڪيتريون ئي قيمتي جانيون پڻ نقصان ٿيو آهي جڏهن ته سنڌ جي چئين ڊويزن ۾ بار بار هڪ ٻئئي مٿان خوني حمله ٿيندا رهيا ، پر ڪيترن ئي جائين تي پوليس ڪنهن قسم جو ايڪشن نه ورتو جڏهن تهتعجب جي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ م پهريون مرتبا پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي ، جهڙي ريت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به خوني حملا ٿيندا رهيا سوشل ميڊيا نجي ٽي وي چيئنلس صورت حال کان واقف ڪندا رهيا انهن جي همٿ جرئت رپورٽنگ ڪرڻ تي سلام پيش ڪيان ٿو اليڪشن ڪميشن بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام ، سنڌ جي چئين ڊويزن ۾ خوني حمله ڪيترائي رهزنن جي ور چڙهي فوت ٿي ويا 300 جي لڳ ڀڳ سخت زخمي ، پوليس چپ جو روزو رکي لٺبازي کان لاتعلق رهي ، راڻيپور ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪامياب وارڊ نمبر هڪ تي اپ سيٽ پي ٽي آئي اميدوار ڪامياب ، اليڪشن ڪميشن جي عدم دلچسپي بعد ووٽر گهرن کان ٻاهر نه نڪتا ، ٽرن آئون انتهائي گهٽ آزاد اميدوار ۽ ٻين سياسي پارٽين جا اليڪشن ڪميشن ، ڊي آر او آر او سوڀوديرو مٿان پاڪستان پيپلزپارٽي جي حمايت ڪرڻ جا ميبنا الزام سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم کي تسليم ڪندي اليڪشن ڪميشن پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي چيئن ڊيوزن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو جنهن بعد 26 جون 2022 تي بلدياتي اليڪشن صبح بجا کان شام پنج بجا تائين سنڌ جي مختلف سياسي پارٽين آزاد اميدوارن ٽائون ڪاميٽين يونين ڪائونسلر پنهنجي قسمت آزمائي ڪئي جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ڳوٺڻ ۾ ووٽ وجهڻ تان هڪ ٻئي مٿان لٺبازي مڪاماري به ڪندا رهيا ۽ حالات انهتائي سنگين يٿندا رهيا ، ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس ، مذهبي تنظمين سان گڏ آزاد اميدوارن اليڪشن ڪميشن پاران ڪيل انتظامن تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته سنڌ جي چئين ڊويزن مير پور خاص ، نوابشاه ( بي نظير آباد ) سکر ، لاڙڪاڻه ۾ ڪيترن ئي شهرن ڳوٺڻ ۾ خوني حمله 15 جي لڳ ڀڳ سياسي مذهبي ڪارڪن رهزنن جي ور چڙهي فوت ٿي ويا ، جڏهن ته 300 کان مٿي سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپاتلن ڏانهن نيو ويو هن واقعن کان اڪثر سنڌ پوليس چپ جو روزو رکي لٺبازي کان لاتعلق رهي ، راڻيپور سميت گڏيجي ، سوڀوديرو ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪامياب ، اليڪشن ڪميشن جي عدم دلچسپي بعد ووٽر گهرن کان ٻاهر نه نڪتا ، ٽرن آئون انتهائي گهٽ رهيو آهي ، آزاد اميدوار ۽ ٻين سياسي پارٽين جا اليڪشن ڪميشن ، ڊي آر او آر او سوڀوديرو مٿان پاڪستان پيپلزپارٽي جي حمايت ڪرڻ جا ميبنا الزام پڻ هنيا ، جڏهن ته راڻيپور وارڊ نمبر هڪ تي پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار سڪندر سرڪي ، 245 پاڪستان تحريڪ انصاف 367 ووٽ کڻي تاريخي اپ سيٽ ڪري ڪامياب ٿي ويو آزاد اميدوار وارڊ نمبر 2 حاجي رياضت ملاح پهريان ئي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار ارشد سرڪي جي رد ٿيڻ بعد بنا مقابلي آزاد ٿي چڪو آهي ، وارڊ نمبر 3 تي پاڪستان پيپلزپارٽي پاران نصير راڄپر 405 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف مهوال مغيري 229 ووٽ کنيا ، وارڊ نمبر 4 پاڪستان پيپلزپارٽي زوار سنت وساڻ 155 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار امام الدين 122 ووٽ حاصل ڪيا . وارڊ نمبر پنج پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سابق چيئرمين پير سيد فياض حسين شاه جيلاني ، آزاد اميدوار محمد يعقوب وساڻ وارڊ نمبر 6 پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار درگاه غوٿيه پير سيد سورج دستگير جيلاني 493 حاصل ڪري ڪامياب ٿي ويا پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار حاجي آصف ڪلهوڙو 63 وارڊ نمبر 7 پاڪستان پيپلزپارٽي مريد عباس سولنگي 136 ووٽ کڻي ڪامياب جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف عزادار حسين عرف گدا حسين شيخ 55 ووٽ حاصل کنيا آزاد صدا گل شاهاڻي 122 ، وارڊ نمبر 8 پاڪسٿان پيپلز پارٽي آغا منظور حسين انصاري 315 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پاڪستان تحريڪ انصاف اميدوار زوار بخت علي شيخ 140 ووٽ کنيا ، وارڊ نمبر 9 تي پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار پير سيد فرزند علي شاه جيلاني ، 385 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پاڪستان تحريڪا انصاف اميدوار سماج سڌارڪ الطاف حسين عباسي 143 آزاد اميدوار عباس پيرزاده 158 وارڊ نمبر 10 پاڪستان پيپلزپارٽي اميدوار تعليمي ماهر استاد محمد ڇٽل ملاح 651 ، پاڪستان تحريڪ انصاف پير سيد سلطان محي الدين شاه جيلاني 62 ووٽ کنيا ، جڏهن ته راڻيپور راڻيپور جي سياسي سماجي شخصيت سابق چيئرمين ، صدر عوامي اتحاد راڻيپور وڏيرو غلام اصغر وساڻ پنهنجي رهائش گاهه تي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي ننڊن وڏن شهرن ۾ بلدياتي اليڪشن آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ، جڏهن ته راڻيپور ٽائون وارڊ نمبر 5 ڳوٺ علي آباد وساڻ جتي پاڪستان پيلزپارٽي جي ڪائونسلر اميدوار سابق چيئرمين پير فياض حسين شاه جيلاني سان هڪ متحرڪ سوشل ايڪٽيويسٽ مڊل ڪلاس محمد يعقوب وساڻ آزاد ميمبر طور مقابلو ڪري رهيو آهي ، جڏهن ته راڻيپور جي وارد نمبر پنج ۾ صورت حال انتهائي خراب آهي جنهن کان پوء الله سائين خير ڪري ، ڪو حادثو رونما ٿي سگهي ٿو جڏهن ته عام ووٽرن هڪ ٻئي خلاف نازيبان زبان استعمال ڪري رهيا آهن جنهن کان بعد خوني خدشي جو پڻ امڪان آهي ، اهڙن خيال جو اظهار وارڊ نمبر 5 جي ڪائونسلر محمد يعقوب وساڻ ، ان جي حمايت ڪندڙ وڏيرو غلام اصغر وساڻ ، شهباز ڏنو وساڻ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن هڪ راند آهي جنهن عوام جي خدمت ڪئي عوام ووٽ ان کي ڏيندو ،جڏهن ته ڊي آر او خيرپور ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ، آر او سوڀوديرو راڻيپور ٽائون ڪاميٽي وارڊ نمبر 5 کي احساس قرارڏنو هو جيڪي ليٽر موجود آهن جڏهن ته سياسي مداخلت بعد اليڪشن کانن هڪ ڏينهن 25 جون تي غير حساس قرار ڏنو ويو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو سياسي مداخلت ڪن پيا اهڙي عمل کي مڪمل رد ڪيون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته اسان سياست کي عبادت سمجهون ٿا ڪڏهن نه چاهينداسين ته ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي ، جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي راڻيپور وارڊ نمبر 5 ڳوٺ علي آباد وساڻ پهريان کان حساس قرار ڏنل هو ، پر اچانڪ بلدياتي اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ پرزائينڊنگ آفيسر ، سميت ٻيو عملو پڻ تبديل ڪيو ويو آهي اسان ان خلاف به قانوني ڪاروائي لاء اعلي اختيارين سان رابطو ڪنداسين وڏيري غلام اصغر وساڻ وڌيڪ چيو ته هي ڌانڌلي ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش آهي جنهن کي به ناڪام بڻائينداسين هنن وڌيڪ چيو ته ضلعي خيرپور جي مشهور درازه شريف ۾به بلدياتي اليڪشن دوران خوني جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ 12 هن جي لڳ ڀڳ حر ۽ ٻيا شهيد ٿيا هيا ، هاڻ وري سازش ٿي رهي آهي جيڪڏهن اعلي اختيارين سميت ڊي جي رينجرس ، ڊي آر او ، ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس نه ورتو ته جيڪڏهن جيڪو به واقعو رونما ٿيندو بالا آفيسر هوندا هي پريس ڪانفرنس ڪئي هئي جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي راڻيپور ٽائون ڪاميٽي جي ڏهن وارڊن مان 9 وارڊن تي ڪاميابي ماڻي جڏهن ته وارڊ نمبر هڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار فياض حسين عباسي ڪاميابي ماڻي آهي مان عرض ڪندس ته صحافي سماج سڌارڪ سوشل ايڪٽيويسٽ پڻ سنڌ جي ننڊن وڏن شهرن مان رپورٽ ڪندا رهيا هنن جو چوڻ هو ته مڪمل سنڌ جهڳڙن جي وڙ چڙهيل هئي ، اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن سيڪيورٽي انتهائي سخت نه ڪئي وئي ته جڏهن به اليڪشن ٿيندي خوني جهيڙا ٿيندا پوء حالات اسان جي اڳيان آهن ڪو به ضابطا اخلاق نظر به نه آيو جنهن ڪري ڪيتريون ئي قيمتي جانيون نوجوانن جون حياتيون ڳڙڪائي ويون جنهن تي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا










