برازيل هٿان شڪست بعد هيٽي به ترڪيه جيان ٽورنامينٽ مان آئوٽ

برازيل هٿان شڪست بعد هيٽي به ترڪيه جيان ٽورنامينٽ مان آئوٽ

ونيشيس جونيئر هڪ گول ڪيو ۽ ميٿيوز ڪنها جي ٻن گولن مان هڪ ۾ مدد پڻ فراهم ڪئي، جنهن سبب پنج ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ برازيل، هيٽي کي 3-0 تان شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
هيٽي، جيڪو اولهه واري اڌ گولي جو سڀ کان غريب ملڪ آهي ۽ 1974 کان پوءِ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، ناڪ آئوٽ مرحلي تائين نه پهچندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ٻئي طرف برازيل جمعي تي اها فيصلائتي ڪارڪردگي ڏيکاري جنهن جي کيس ضرورت هئي.
• ڪينيڊا جو اسماعيل ڪوني ٽنگ جي وڏي آپريشن سبب باقي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو.
• اسپين جي لامائن يمل چيو ته پورو ورلڊ ڪپ ميچ کيڏڻ “تمام جلد ۽ غير ضروري” هو.
• ميزبان آمريڪا، آسٽريليا کي 2-0 تان هارائي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي.
• عزيڊائين اونهائي سيباري ورلڊ ڪپ 2026 جو تيز ترين گول ڪيو، جڏهن ته مراڪش اسڪاٽلينڊ کي شڪست ڏني.
ميٿيوز ڪنها، جيڪو مانچسٽر يونائيٽيڊ جو نمايان رانديگر آهي، شروعاتي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پنهنجي هر گول کان پوءِ سرفنگ واري انداز جي جشن ذريعي ثابت ڪيو ته کيس مراڪش خلاف 1-1 جي بي جان برابري واري ميچ ۾ به شروعاتي يارنهن ۾ هجڻ گهرجي ها. برازيل جي ڪوچ ڪارلو اينسيلوٽي پهرين ميچ ۾ حيران ڪندڙ فيصلو ڪندي ڪنها کي دير سان متبادل طور ميدان ۾ لاٿو هو.
68,324 تماشائين مان وڏي اڪثريت برازيلي مداحن تي مشتمل هئي، ۽ ڪنها پنهنجي پهرين ورلڊ ڪپ گول سان کين خوشيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هن ريبائونڊ بال کي گول ۾ موڪلي برازيل کي برتري ڏياري. پوءِ هن کاٻي پير سان زبردست شاٽ هڻي پهرين هاف ۾ اسڪور 2-0 ڪري ڇڏيو.
برازيل جو فارورڊر رافنها، جيڪو پهرين هاف دوران زخمي ٿيڻ سبب تبديل ڪيو ويو، شروعات ۾ هڪ گول ڪيو هو پر آف سائيڊ قرار ڏنو ويو. ان باوجود ماحول جشن جهڙو رهيو. ميچ فلاڊلفيااسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جيڪو ٻه ڀيرا سپر باؤل چيمپيئن فلاڊيلفيا ايگلز جو گهر آهي.
هيٽي جا مداح ناچ ۽ ڳائڻ ذريعي پنهنجي قومي نعري گرينيڊيئرز حملو ڪريو جا نعرا هڻي رهيا هئا. جواب ۾ برازيلين مداحن نعرا هنيا:
“هزار گول، هزار گول، هزار گول! صرف پيلي، صرف پيلي!”
فلاڊيلفيا، جتي لڳ ڀڳ 6,000 برازيلين مهاجر رهن ٿا، اتي ڪنها پنهنجي مشهور سرفنگ واري جشن سان وڌيڪ جوش پيدا ڪيو.
ونيشيس جونيئر، جنهن مراڪش خلاف 32هين منٽ ۾ گول ڪري برازيل کي برابري ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي، هن ميچ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس شاٽ کي هيٽي جي گول ڪيپر روڪي ڇڏيو، پر ڪنها ريبائونڊ تي پهچي بال کي نيٽ ۾ موڪلي برازيل کي 1-0 جي برتري ڏياري.
پوءِ وينيشيس دفاعي رانديگرن جي وچ مان شاندار پاس ڏئي ڪنها کي بال پهچايو، جنهن طاقتور شاٽ سان اسڪور 2-0 ڪري ڇڏيو. ڪنها پيٽ تي سلائيڊ ڪندي ترڻ جهڙو جشن ملهايو، جنهن سان لڳ ڀڳ هيٽي جون اميدون ختم ٿي ويون.
پهرين هاف جي آخر ۾ وينيشيس پاڻ به هڪ گول ڪيو، جيڪو برازيل لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. برازيل، جيڪو 2002 کان پوءِ پنهنجي پهرين ورلڊ ڪپ ٽائيٽل جي ڳولا ۾ آهي، هاڻي اربع تي فلوريڊا جي ميامي گارڊن ۾ گروپ سي جي آخري ميچ اسڪاٽلينڊ خلاف کيڏندو.
برازيل جو اسٽار رانديگر نيمارٽنگ جي لڳاتار زخم سبب مسلسل ٻي ميچ لاءِ به دستياب نه هو. ياد رهي ته ترڪيه به 2 ميچ هارائڻ بعد ايندڙ مرهلي مان آئوٽ ٿي ويو آهي. آمريڪا ۽ ميڪسيڪو ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو