اڳوڻي ڪپتان يونس خان جي پراڻي خواهش پوري ٿي وئي

اڳوڻي ڪپتان يونس خان جي پراڻي خواهش پوري ٿي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جو افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ جو پراڻو خواب پورو ٿي ويو. افغان ڪرڪيٽ بورڊ يونس خان ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل کي يو اي اي جي دوري لاءِ ڪوچنگ صلاحڪار طور شامل ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته يونس خان کي بيٽنگ ۽ عمر گل کي بالنگ صلاحڪار طور گڏيل عرب امارات جي دوري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يونس خان افغان ٽيم جو حصو ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي ان کي پنهنجي پراڻي خواهش قرار ڏنو. يونس خان چيو ته ڪوچنگ لاءِ افغانستان بورڊ سان ڳالهيون 2011ع کان هلي رهيون آهن، منهنجو خيال آهي ته هاڻ يو اي اي ڪيمپ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڪم ڪرڻ جو بهترين وقت آهي ته جيئن ايندڙ رانديگرن کي وڌيڪ ويجهي کان آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو