اڳوڻو انٽرنيشنل امپائر خضر حيات لاڏاڻو ڪري ويو

اڳوڻو انٽرنيشنل امپائر خضر حيات لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻو انٽرنيشنل امپائر خضر حيات لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن موجب خضر حيات ڪجهه عرصي کان بيمار هو ۽ 86 سالن جو هو.خضر حيات پاڪستان ريلوي لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ پڻ کيڏي، هن 70 جي ڏهاڪي ۾ امپائرنگ ڏانهن رخ ڪيو. هن ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ڊوميسٽڪ ميچن ۾ امپائرنگ ڪئي خضر حيات 34 ٽيسٽ ۽ 57 هڪ ڏينهن واري انٽرنيشنل ميچن جي نگراني ڪئي، جڏهن ته ٽن ورلڊ ڪپ ميچن ۾ امپائرنگ پڻ ڪئي.خضر حيات امپائرنگ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپيل رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو