سنڌ ۾ سرڪاري ادارا ناڪام ڇو آهن؟ بهتري ڪيئن آڻجي؟

سنڌ ۾ سرڪاري ادارا ناڪام ڇو آهن؟ بهتري ڪيئن آڻجي؟

رياض ابڙو
ڪراچي جا ادارا پنهنجي رهواسين کي ڪيئن مايوس ڪري رهيا آهن، ۽ پاڻ کي ناڪام ثابت ڪري رهيا آهن ان ڪري ته انهن جي ڪارڪردگي ڪم جي ناهي رهي، رڳو پيسن کائڻ ۽ ڪرپشن جي پويان لڳا پيا آهن، اها ڳالھ ان مان به واضع آهي ته ڪو به ادارو صحيح ڪم نه ٿو ڪري، ٽريفڪ جا نظام درهم برهم لڳا پيا آهن، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڀلي ناهي پوءِ اهي اسڪول هجن يا ڪاليج. وري شهر ۾ جيڪي به صفائي سٿرائي وارا ادارا آهن جيڪي ڀنگين ۽ ٻالن کان ڪم وٺندا آهن، سي به ڄڻ ته ڪنهن ميونسپل ڪاميٽيءَ جي ڪنٽرول ۾ ناهن هوندا. شهر جي سڀني روڊ رستن تي پٿر اکليا پيا آهن، کڏا کوٻا، ڌوڙ، گٽڙ اٿليا پيا آهن، يا ڪو به گٽر اهڙو ناهي جيڪو بند هجي، ڍڪيل هجي، وهندو هجي، يا ان جو پاڻي روڊن تي وهي روڊ جا دهانا نه ڪڍندو هجي، بدلي ۾ وري اها ڳالھ سنڌ سرڪار جي مٿان ٿي اچي ته هو ڪجھ نه ٿا ڪن. شهر جي ڪينٽونمينٽ بورڊن جا علائقا پاڻي جي ٽينڪرن کان وٺي مينٽيننس جا پيسا ۽ منٿيلون عسڪري ادارن جي کيسن ۾ ٿا وجهن پر جڏهن گٽرن ۽ روڊن جي رپيئر ۽ مينٽيننس جي ڳالھ اچي ته اها صوبائي سرڪار ڪندي. پر ڏسجي ته ضبط نالي ڪا شيءِ ناهي يا ڪا آڊٽ يا پڇاڳاڇا ناهي، جنهن ۾ ادارن جي ساک ۽ ضمانت ڏئي سگهجي ته اهي هاڻي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن.

ڪجھ گٽر، ڪجھ علائقا، ڪجھ روڊ بهتر آهن، ان ڪري ته انهن جا بنيادي انفرا اسٽرڪچر ڀلا آهن، مثال بحريا ٽائون جا سسٽم بهتر آهن، ڊفيسن جا روڊ رستا ۽ نظام بهتر آهن، ڪجھ روڊ مينهن جي دٻَ جي ڪري ته خراب نه ٿا ٿين، باقي سموري شهر ۾ ڌوڙ ٿي وسي ۽ سموري شهر جو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي، ڪير نه چوندو ته روڊن تي هاڻي گهمجي، ان ڪري جو سواءِ ڌوڙ ۽ دونهين جي روڊن تي ڪجھ به ناهي رهيو، گاڏي هلائجي ته رڳو کڏا کوٻا، کليل گٽر. جي روڊن تي قبضن جي ڳالھ ڪجي ته پنجين پندرهين ڪورٽون وري به اک پٽين ٿيون، جيڪي انڪروچمينٽ طرف سرڪار جو ڌيان ڇڪائين ٿيون، ته اهي سرڪاري ڌريون ان ڳالھ تي ڌيان ڌرين ته ماڻهن مارڪيٽن جي پنج فٽي دوڪانن کي پنجاھ فٽي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي اها ڪوشش آهي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي رشوت ڏئي، پنهنجو ڪم سڌو ڪري، ان ڪري ته حڪومت جي رٽ ڪجھ به ناهي ۽ جيڪي به قانون لاڳو ڪندڙ ڇاڙتا آهن، حڪومت انهن جي آهي، اهي جيئن چاهن تيئن ڪري سگهن ٿا.

بدقسمتيءَ سان 2020 جي برساتن کانپوءِ ڪيل ڪنهن به رٿابنديءَ جي تفصيلن کان عام ماڻهن کي آگاھ ناهي ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اهڙيون ايمرجنسيون ۽ اهڙيون مصبتون ادارن کي بهتر ڪم ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ جي ڳالھ ڪنديون آهن. آگسٽ 2020 ۾ ڪراچيءَ جي علائقن ۾ بارشي پاڻي اچڻ کانپوءِ نالن جي ڀرسان ۽ مٿان تڪراري اڏاوتون لوڪل جهيڙن جا سبب بڻيون رهيون ۽ ڪنهن به انهن اڏاوتن تان هٿ نه کئنيو ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ۽ مسجدون به نالن مان جوڙيون ويون ۽ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ اهي ڪم راتو رات ٿي به ويا ۽ ڪير ٻڻڪ نه ڪڇيو ته نالن کي آجو ڪيو وڃي ۽ کليل نالا سڀني بيمارين جي ماءُ قرار ڏنا ويا هيا، پر ان جي باوجود به ڪو خاطرخواه ڪم نه ٿيو. ماڻهن کي نالن جي مٿان اڃان به اڏاوتون ڪرڻ ڏنيون ويون آهن ۽ جيڪي به عمارتون، فليٽ، بنگلا، عام ماڻهن جون آباديون جڙي ويون آهن، انهن کي ڪير هٿ لائڻ لاءِ تيار ناهي. رڳو گجر نالي جو ئي مثال وٺجي ان کي به وڏي مشڪلن سان آجو ڪيو ويو آهي، پر اتي رهيل غيرقانوني ماڻهن کي وري قانون تحت ڪنهن خالي علائقن ۾ پلاٽ ۽ امدادون فراهم ڪيون ويون.

اسان هاڻي شايد ئي بهتر ٿي رهيا آهيون. ميڊيا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ کي حڪومت کي جلد قبرستانن ۽ آخري آرام گاهن جي ٻين ڪيٽيگريز جا انتظام سنڀالڻ لاءِ نئون اختيار ملي ويندو. سنڌ منزل سکن اٿارٽي بل 2022 ظاهري طور تي صوبائي اسيمبلي ۾ غور هيٺ آيو ۽ اهو قانون بڻجي ويو ته ميونسپل جو اهم ڪم صوبائي حڪومت جي دائري ۾ اچي ويندو. اها هڪ الڳ ڪوشش نه آهي. گذريل ڪجھ سالن دوران ڪيترائي اهم شهري ميونسپل ۽ علائقائي ڪم صوبائي سطح تي ٺاهيل اختيارين ۽ ايجنسين هٿ ڪيا آهن. مثال طور سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي کي ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو جون ذميواريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پراڻي ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو هڪ وڌايل ادارو آهي، جيڪي سمورري سنڌ ۾ ڪم ڪري ٿو. ڪي ايم سي ۽ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشنز (ڊي ايم سي) بدران سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڪچري جو انتظام هلائي ٿو. KDA جو ماسٽر پلان ۽ ماحولياتي ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ، جيڪو ماسٽر پلان گروپ آف آفيسز بڻجي ويو آهي، پر هاڻي اهو تقريبن بيڪار آهي. ان جي جاءِ تي سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي قائم ڪئي پئي وڃي. مبصرن جو چوڻ آهي ته صوبائي سرڪار ادارن کي هڪ برانڊ طور استعمال پئي ڪري ته جيئن ماڻهن کي ”ڪراچي ۽ مهاجر“ جي گرهڻ مان ڪڍي سگهجي ۽ ڪجھ ميٽروپوليٽن ايجنسين ۽ تنظيمن جي ڪمن، ڪردارن ۽ آمدني جي اسٽريمز کي گهٽائي سگهجي. ڪي ايم سي ملڪ جي سڀ کان وڏي ميونسپل ايجنسي، هاڻي عملي طور تي هڪ رسمي حيثيت رکي ٿي. اهڙي طرح ڪي ڊي اي جنهن ماضي ۾ ٻه وڏا شهري ترقياتي منصوبا تيار ڪيا هيا، اهي عملي طور تي غير فعال آهن. لياري ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽيز کي گروٿ ڪوريڊور سمجهيو ويو، جتي وڪڻڻ لائق ڪافي زمينون ڏنيون ويون. ٻنهي ايجنسين 1993 ۾ ٺهڻ کان وٺي زمين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي نگراني ڪئي. هڪ مثال M-9 موٽر وي تي هڪ ميگا ريئل اسٽٽ جنهن کي 16,000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جو وڪرو ڪئي وئي، جنهن جو تازو سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو هيو.

حقيقت ۾ شهر ٻيائي جي ور چڙيل آهي، هتي ڪو به ترقي جي نالي تي ايماندري نه ٿو ڏيکاري، جنهن کي موقعو ملي ٿو ته اهو وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوئي ٿو وٺي، هر ڪو مفادي سياست ٿو ڪري سمورو ڏينهن رڳو نفرت جي سياست ۽ ماڻهو لساني نفرت واري گفتگوءَ ۾ محو آهن، آفيس هجي، بس هجي، ريل گاڏي هجي، هوٽل هجي يا ڪو اسڪول ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪيفيٽيريا رڳو صوبن جا ڳالھ، ڊيمن جي ڳالھ، حلانڪي اهڙي ڪا به حل طلب ڳالھ نه ٿي ڪري سگهجي يا چئي سگهجي جو جنهن شهر جي آبادي رڳو ان ڳالھ تي جيئي پئي ته اتان جا ماڻهو اردو ٻولي ان ڪري ته ٿا ڳالهائين جو اها قومي ٻولي آهي، يا ان ڪري نه ٿا ڳالهائين ته اها اردو ڳالهائيندڙن يا مهاجرن جي ٻولي آهي ۽ رابطي جي زبان هجڻ جي ڪري اهي هاڻي اهو ٿا سمجهن ته شهر هنن جي ٻولي جي قبضي هيٺ اچي ويو آهي. حلانڪي 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ شهر جي ڊيموگرافي تبديل ٿي وئي آهي، پٺاڻن جي علائقي ۾ ماڻهو وڃي ساھ نه ٿو ڪري، جو اتي ائين لڳندو جو ماڻهو ڪي پي ۾ آيو هجي. ڪجھ اهڙا به علائقا آهن جتي مهاجر پاڻ ڌاريا لڳندا آهن، شهر جون 4 هزار ڪچيون آباديون ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته شهر جي اندر به ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي، شهر جو اليٽ ڪلاس ملڪ ڇڏي وڃڻ ۾ آفيت ٿو ڀانئي ۽ سمجهي ٿو هتي ڪجھ به ناهي، باقي آفاق جي ڳالھ وانگي ته بلوچستان صوبو غيرآباد آهي، ان ڪري هنن کي اتي صوبو ڏنو وڃي. پر سوال ته اهو آهي ته شهر جو حقيقي مينڊيٽ هنن وٽ ناهي، اها حافظ صاحب جي مهرباني ليکن جنهن پي ٽي آءِ جي دشمني ۾ هنن کي سيٽون ڳڻي ڏنيون، جو جڏهن اليڪشن جي رزلٽ پئي آئي ته هنن سيٽون ويٺي ڳڻيون ته باقي پوئتي ڪيتريون بچيون آهن، جن جا نالا هنن لکي رکيا هيا ته ڪير ايم پي اي ٿيڻا آهن ۽ ڪير ايم اين اي.

پر شهر جي منصوبن ۽ شهر جي ترقي کي ملحوظ خاطر رکيو وڃي ته اهي ڪم جيڪي عام ماڻهن جي فائدي وٽان آهن، جن منصوبن مان عام ماڻهن کي لاڀ ملندو، سي جلدي اڪلايا وڃن، اهي منصوبا جن ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ، روڊ رستا، انڊرپاس، پليون ۽ ٻيا عام ڀلائي جا ڪم جن جي اڪلائجڻ سان عام ماڻهو سڪون ۾ ايندو. پر هي جماعت رڳو لڦڙبازي ۽ پنهنجي مفادن جي ڳالھ ٿي ڪري، هي ته نه مقامي آهن نه مهاجر، ڀلا جي مقامي آهن ته مهاجر ڪيئن ٿيا ۽ جي مهاجر آهن ته مقامي ڪيئن ٿيا؟ جيڪو وڏو سوال آهي. ان ڪري جيڪي مقامي ماڻهو آهن اهي رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ قومون آهن، جيڪي صدين کان هتي آباد آهن باقي هي شهر انگريزن ان ڪري اڏيو جو هتي مزاحمت گهٽ هئي، لوڪل سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو واپاري طبقي وارو پرامن هيو، گهڻي ڀاڱي سنڌي هندو (عيسائي ۽ يهودي يا ڪجھ ٻيون قومن جيڪي گهڻائي ۾ نه هيون) ۽ انگريزن کي به ان ڳالھ ۾ عافيت هئي ته هتي ”ڊيپ سي“ آهي معني سمنڊ گهرو آهي، وڏا جهاز لنگر ڪري سگهن ٿا ۽ ماڻهو گهڻي ڀاڱي پنهنجا شهر ڇڏي لڏي ڪو نه ايندا ۽ جيڪڏهن آيا به ته اهي پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال سنڌي هوندا، ان ڪري هتي ئي شهر اڏجي ۽ ان ڪري هنن ڪوسٽل ايريا جي ٻين شهرن جيڪي ان ٽائيم تي به وڏا آباد به هيا تن کي اهميت نه ڏني جن ۾ بدين، ٺٽو، گولاڙچي، سجاول وغيره وغيره.

پهنجو تبصرو موڪليو