قذافي، نيشنل ۽ راولپنڊي اسٽيڊيم جي ڊيزائن جي منظوري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي، نيشنل ۽ راولپنڊي اسٽيڊيم جي ڊيزائن جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي.چيئرمين پي سي بي محسن نقوي اڄڪلهه برطانيه جي دوري تي آهي، جنهن دوران هو انٽرنيشنل اسٽيڊيم ڊيزائننگ ڪمپني جي هيڊ آفيس پهتو، جتي بي ڊي پي عملدارن اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن منصوبي بابت بريفنگ ڏني. پي سي بي موجب محسن نقوي ٽنهي اسٽيڊيمز جي ڊيزائن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڊزائن عملي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ قذافي، نيشنل ۽ راولپنڊي اسٽيڊيمز جي ڊيزائن جي حتمي منظوري ڏني.ان موقعي تي چيئرمين پي سي بي چيو ته اسٽيڊيم کي ڊيزائين مطابق مڪمل ڪرڻ هڪ وڏو ٽاسڪ آهي، ٽيم ان مشڪل ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندي.محسن نقوي وڌيڪ چيو ته ٽن اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ مڪمل ڪئي ويندي، هن ميگا پراجيڪٽ جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو