اعجاز علي ابڙو
پاڪستان ۾ قدرتي معدنيات جا بيشمار ذخيرا هڪ وڏي نعمت سمجهي وڃي ٿي، هن ملڪ ۾ چار موسمون مندون آهن، سيارو، بهار، اونهارو ۽ سرءُ ۽ انهن مندن ۾ قدرت طرفان جيڪي نعمتون ملن ٿيون انهي جو ڪو به اندازو نٿو ڪري سگهي، پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سنڌ هجي يا پنجاب، بلوچستان هجي يا خيبرپختونخوا هرهڪ صوبي ۾ قدرت جي نعمتن جا شاهڪار ۽ بيشمار قدرتي ذخيرا موجود آهن، انهيءَ هوندي به جيڪا حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي اها اڄڻ شرط ئي واويلا ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي ٿڪجي نٿي، جڏهن انهن حڪمرانن کي حڪومت هٿن ۾ ناهي ته اهي ٻين تي الزام لڳائيندي ٿڪجن نٿا پر جڏهن اقتدار ۾ پهچن ٿا ته پوءِ خزاني خالي ٿيڻ جون هروڀرو جون بيجا شڪايتون ڪندي پنهنجي جان آجي ڪرڻ جي لاءِ حربا استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ تقريبن هڪ اڌ حڪمران کان سواءِ سمورن حڪمرانن تي ڪرپشن جا ساڳيا الزام لڳندا رهن ٿا ته انهن پنهنجي بئنڪ بئلنس ڪٺي ڪرڻ لاءِ ملڪ جو ڏيوالپڻو ڪڍي ڇڏيو آهي، مهانگائيءَ جي شرح چوٽ چڙهي وئي آهي، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ سبب غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کان محروم بڻجي ويا آهن، شديد وڌندڙ غربت سبب ڪرائيم جو تيزيءَ سان ريشو اڳتي وڌيو آهي، ماڻهو مهانگائي سبب بي حال بڻجي مٿي کي هٿ ڏيئي سوچڻ تي مجبور آهن ته آخرڪار هنن حڪمرانن جا پيٽ ڪير ڀريندو ۽ وڌندڙ مهانگائي ڪٿي ڪنٽرول به ٿيندي يا ائين ئي ڇڙواڳ جانور جيان ٻين جا لوڙها لتاڙيندي رهندي، مهانگائي سان گڏوگڏ ئي موجودهه حڪمرانن وڏيون هامون ٻٽاڪون هڻڻ باوجود ڪرپشن ڪرپٽ ماڻهن کي سزا ڏيارڻ ۾ ناڪام وئي آهي ڪرپشن ۾ ملوث وڏا وڏا مانگر مڇ پنهنجي ساڳئي جوڀن جوانيءَ ۾ زندگي گذاري رهيا آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ انهن کي ٺٺ ۽ ٺانگر واري زندگي گذري رهي آهي، حالتن جي ستم ظرفي چئجي يا وري پنهنجي ڪرپٽ نظام جي پيداوار جا گول گپا ڪرپٽ سياستدان، ڪامورا، آفيسر شاهي، ڪلارڪ، سرڪاري آفيسن ۾ ويٺل اڪثر بدنيت ماڻهو ڪنهن به عام ڪم ڪار لاءِ ماڻهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي بيحال ڪري ڇڏين ٿا، ڪو مجبور غريب ماڻهو سرڪاري دفترن آفيسن جي اندر پنهنجي ڪم ڪار لاءِ ايترو رولايو وڃي ٿو جنهن جو ڪو اندازو ناهي، عام ۽ ننڍي سرڪاري ڪم لاءِ جيڪو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن ڏهاڙن جو هجي ٿو اهو سرڪاري ڪم به ڪامورن ۽ ڪلارڪن کي رشوت نه ڏيڻ جي ڪري مهينن جا مهينا بلڪ ڪٿي سال لڳي وڃن ٿا، سماج ۾ انسانيت ناهي رهي جنهن ڪري اڪثر ماڻهن دين ايمان پئسي کي سمجهي ڪرپشن وٺڻ کي پنهنجو قانوني ڄڻ ته حق سمجهي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪار، روڊ رستا، عوامي سهولتون نه ملڻ انهيءَ جو نتيجو سامهون آهي ۽ بيجا حد کان وڌيڪ مهانگائي به انهن ڪرپٽ ڪامورن آفيسر شاهيءَ جو عمل سامهون آهي، انهي سلسلي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن 4 درجا وڌي وئي آهي، پاڪستان ملڪ م120 نمبرن مان 124 نمبر تي پهچي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته بدعنوان سماج ۾ جڏهن حڪمران مهانگائي تي عملي طرح ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ رڳو اهو اعلان ڪندا رهن ته مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن ٿيندو پر گذريل اڍائي سالن ۾ ڪرپشن ۾ اصل ملوث ماڻهن جي پٽي ٺپي شاباس ڏيندي پنهنجو آشيرواڌ ڏنو وڃي ته پوءِ مهانگائيءَ تي ڪيئن ضابطو اچي سگهي ٿو، ڪرپشن انڊيڪس 180 ملڪن جي انگن اکرن تي مبني آهي، ڪرپشن کان پاڪ ملڪن ۾ 88 جي اسڪور سان ڊيمارڪ ۽ نيوزيلينڊ پهرين نمبر تي آهن، 2019ع جي مقابلي ۾ 2020ع ۾ ڪرپشن وڌي وئي آهي، ڪرپشن بابت 180 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان جي رنڪنگ 124 ۽ اسڪور 31 رهيو، جڏهن ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ شام، صوماليا، ڏکڻ سوڊان بدترين ملڪ رهيا آهن، ڀارت 40 پواائنٽون حاصل ڪري 86 نمبر تي رهيو ۽ 67 اسڪور سان آمريڪا 25 هين نمبر تي رهيو، هن ملڪ جي وڏي ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي ته هتي پنهنجي لولي لنگڙي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ڪرپشن جي پيداوار حڪمران ٻيو ته ٺهيو پر مقدس ايوانن قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ سميت صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي بهاني وڏا ريٽ لڳايا ويندا آهن ، اها بدعنواني ۽ ڪرپشن ناهي ته ٻيو ڇا آهي، ملڪ ۾ ڪڏهن صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيون آهن ته پوءِ ميمبرن کي خريدڻ لاءِ ريٽ لڳائڻ ۽ ووٽ وٺڻ لاءِ مختلف آفرون ڏيڻ ڪڏهن بند ٿيندو، وزيراعظم عمران خان چئي ٿو ته مولانا فضل الرحمان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي کيس جواب ڏيڻو پوندو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وڏي وزير جي قانون ۽ ماحوليات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ بابت چوي ٿو ته انهيءَ رپورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اصل چهرو وائکو ڪري ڇڏيو آهي، اها رپورٽ ثابت ڪري ٿي موجودهه وفاقي حڪومت تمام گهڻي ڪرپٽ حڪومت آهي، ماضيءَ ۾ عمران خان پاڻ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جا مثال ڏيندو هيو ۽ سابقه حڪومتن تي تنقيد ڪندو هيو پر هاڻي وفاقي حڪومت جي غلط ۽ خراب فيصلن جي ڪري ڪيترائيءَ اسڪينڊل منظر عام تي اچي رهيا آهن، جڏهن ته پ پ پ جي سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجن انهن ميمبرن سان جنهن سان هٿ به نه ملائيندو هيو انهن کي سينيٽ جي اليڪشن جي سلسلي ۾ خريدڻ لاءِ 50، 50 ڪروڙ رپيا ڏيئي رهيو آهي، سليڪٽيڊ تي هاڻي اهڙو وقت اچي ويو آهي جو هو پنهنجن اتحادين کي خريدڻ لاءِ رشوت پيو ڏي، ائين لڳي رهيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جي ديوار ڪرن واري آهي ۽ پي ڊي ايم هن کي آخري ڌڪو ڏيندي.جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي اسان بدعنوانين ۾ ملوث پنج سئو ارب رپين جون اوڳاڙيون ڪيون آهن، اهڙي طرح پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيه عطا مري جو چوڻ آهي ثابت ٿي ويو ته اڍائي سالن ۾ عمران خان رڳو بدعنوانيءَ جي سرپرستي ڪئي آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جا ترانا ڳائيندڙ اڄ انهي رپورٽ تي ڇو خاموش آهن، نيازيءَ جي حڪومت ۾ بدعنواني انڊيڪس ۾ به پاڪستان کي صرف بدنامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي طرح ٽرانسپيرنسي رپورٽ پوري پاڪستان خاص ڪري ملڪ جي غريب عوام کي ٻيهر اچرج ۾ وجي ڇڏيو آهي ته جيڪي حڪمران بار بار واقعي انهي رپورٽ جا حوالا ڏيندي نه ٿڪبا هئا اهي هاڻي ٻرڙن ۾ لڪي ويهجي ويا آهن يا انهن جي خاموشيءَ ۾ عافيت آهي، ڪرپشن کان پاڪ معاشري جا واعدهه ڪندڙ جڏهن گورنر جي گاڏيءَ مان اوچتو نجس جانور ڪتي جو منهن ڪڍڻ ۽ چوڪ چوڪ تي پوليس پروٽوڪول ۾ انهي کي سليوٽ ۽ سلاميءَ جو سلسلو اڳيان ظاهر ٿيو ته يقينن انهن پوليس عملدارن ۽ پروٽوڪول آفيسرن کي به ڪجهه محسوس ٿيندو هوندو ته عمران سرڪار اسان کان ڪهڙا ڪم وٺي رهي آهي، گورنر کي ته اسان سلامي ۽ سليوٽ ڪري سگهون ٿا پر ڪتي کي ڪهڙي حوالي سان سلامي ۽ سليوٽ ڪريون.










