طفيل مگسي
مارڪس جو مقدس نظريو نظريو هن خيال ڏانهن آھي ته سرمائيداراڻي رياست پنهنجي شھرين جي وچ ۾ دولت.طاقت ۽ وسيلن جي اڻبرابري واري ورهاست کي برقرار رکي ٿي ۽ ان کي سگه پڻ ڏيئي ٿي.ڇاڪاڻ ته حڪمران پاڻ انهيء طبقي سان تعلق رکڻ وارا هوندا آھن.ان ڪري انهن جا ۽ سرمائيدارن جا مفاد هڪ ئي هوندا آھن.ان تصور جي باري ۾ ڪجه اهم نڪتا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
(1).طبقاتي اڻبرابري.
رياست محنت ڪش طبقي يعني پرولتاريا جي “قيمت“تي“حڪمران طبقي ۡ۽ بورزوازي “جي مفادن جي حفاظت ڪري ٿي.حڪمران جڏھن پنهنجي زباني بوڇاڙ جي وسيلي خادم يعني خدمت ڪرڻ جي دعوي ڪن ٿا ته اصل ۾ اها دعوي پرولتاريا جي لاء نه بلڪ بورزوازي جي لاء ھوندي آھي.
(2).دولت جي ورهاست.
رياست جون پاليسيون ۽ قانون سرمائيدار اميرن جي وچ ۾ دولت جي ورهاست ۾ سهوليت ميسر ڪن ٿيون.امير ۽ غريب جي وچ ۾ وٿيء کي ڪشادو ڪن ٿيون.
(3).طاقت جي چرپر.
رياست جا ادارا ۽ اوزار جيئن عدالت.پوليس ۽فوج حڪمران طبقي جي غالب پوزيشن کي برقرار رکن ٿا ۽ محنت ڪش طبقي جي اختلاف ۽ مزاحمت کي دٻائين ٿا.
(4).نظرياتي ڪنٽرول.
رياست عوام جي راء جي جوڙجڪ ڪري ٿي ۽ اهڙي نظريي کي واڌ ڏيئي ٿي.جيڪا موجوده ڍانچي کي قانوني حيثيت ڏيندي استحصال ۽ ڏاڍ جي حقيقت کي ڌنڌلو ڪري ڇڏي ٿي.
(5).اڻبرابري جي ٻيهر پيداوار.
رياسر جون پاليسيون ۽ ادارا محنت ڪش طبقي جي لاء تعليم.صحت جي سارسنڀال ۽ سماجي خدمتن تائين پهچ کي محدود ڪري سرمائيدار طبقي کي سهوليتون ۽ سبسڊي ميسر ڪندي اڻبراري کي برقرار رکن ٿا. تت هي آھي ته“رداست جي اڻبراري واري ورهاست“جو تصور ظاهر ڪري ٿو ته ڪهڙي ريت سرمائيداراڻي رياست محنت ڪش طبقي جي استحصال کي بخشي ڪري سماجي.معاشي ۽ اڻبرابري کي فعال طور تي برقرار رکي ٿي ۽ انهن کي سگه ڏيئي ٿي. هتي مان ٿورڙي وضاحت نظرين جي حوالي کان به ڪريان ٿو ته حڪمران ڪهڙي ريت نظرين کي بحيثيت هڪ هٿيار استعمال ڪندي پنهنهي حق ۾ عوام جي راء کي اڀاري ٿي ۽ ڪيئن ماڻُهن جي زبانن کي تالا هنيا وڃن ٿا.پاڪستان ۾ جيڪڏھن ڪو ملحد هجي يا لادين هجي.ڪميونسٽ هجي يا ڪنهن ٻيئي عقيدي جو مڃڻ وارو ڪجه خوبيون ان ۾ بلٽ ان هونديون آھن.انهن منجهان هڪ خوبي سرڪار جو ادب واحترام.ڪتاب وسنت جو ادب واحترام.اصحابن جو ادب واحترام.ولين ۽ اوليائن جو ادب واحترام ۽ برزگن جو ادب واحترام ڪرڻ شامل آھي.اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو شخص مٿي بيان ڪيل شخصيتن جي گستاخي ڪري .ليڪن حڪومت ڄاڻي واڻي ڪري “گستاخي بل “جوتعارف ڪرايو ۽ پوء پنهنجن پٺوئن جي وسيلي وقت به وقت ان بل جي لاء سبب ميسر ڪيو ته جيئن پرولتاري طبقي ۾ به شدت جي اختلافي طبقن جو وجود پيدا ٿي وڃي.جيڪو ايترو ته ڳوڙھو هجي ته ان وٿيء کي ڪڏھن به برابر نه ڪري سگهجي. ان ريت ورهايل پرولتاري طبقن انهن جي ارادن ۾ مداخلت نه ڪري سگهندو ته اهي من ماني ڪندا رهندا.مون کي هي چڱي ريت ياد آھي ته 2005ع تائين ڪڏھن گستاخي جو ڪو ڪيس نه ٿيو.ليڪن بعد ۾ ڏسندي ڏسندي حڪمرانن جي پٺوئن وڌ کان وڌ اهڙا ڪيس پيدا ڪرڻ شروع ڪرائي ڇڏيا.عام سطح تي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته پرولتاري بحيثيت ورهائجي ڪمزور ٿيندو ويو ۽ مٿين سطح تي حڪومت فريڊم آف اسپيج جي هر شيء کي ميوٽ ڪري ڇڏيو ۽ نه ته مذھبي طبقو ان ۾ انوال آھي نه ئي آزادي پسند بلڪ اها حڪمران طبقي جي سازش هئي.جيڪا هينئر تائين ڪاميابي سان ڊسپلي ٿي رهي آھي.قومي سطح تي پرولتاري ورهاست جي سبب کان ظالماڻي مهانگائي ۽ ٽيڪسز جي وقت ۾ هر شخص خاموش آھي.جڏھن ته رزق جي باري ۾ مسلمانن جو سمورو ڪتاب ڀريو پيو آھي.مگر مذھبي طبقو خاموش آھي.ڇوته حڪمران طبقو انهن کي نوازيندو رهي ٿو ۽ ان جي ڪميون کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.ايستائين ته لونڊي بازي جي عادت کي خدا بخشي نه بخشي حڪمران طبقو بخشي ڇڏي ٿو.ان ڪري هن پنهنجا چپ سبي رکيا آھن.










