عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم

ظهير الدين بابر
وطن ۾ جاري سياسي غير يقيني صورتحال جي پسمنظر ۾ ان پيش رفت تي اطمينان جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. جنهن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون. ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي عمل کي تيز ڪري. رپورٽن مطابق ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ پنجاب حڪومت جي تبديلي ۽ نومبر ۾ اهم مقررين بابت به صلاح مشورا ڪيا.حيرت جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان عملي طور تي انهن ڪروڙين ٻوڏ متاثرن جي حالت زار تي سنجيدگيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪي اڃا تائين امداد جا منتظر آهن. ملڪ ۾ اڃا به اهڙا علائقا آهن جتي ٻوڏ جو پاڻي اڃا بيٺو آهي. نتيجي ۾ وبائي مرض تيزي سان پکڙجي رهيا آهن، الميو اهو آهي ته متاثرين ٻوڏ جي پاڻي جي نڪرڻ جي اميد رکندڙ خاندانن سميت پنهنجن تباهه ٿيل گهرن ڀرسان بيٺل آهن. اهو درست آهي ته عمران خان حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي پر چين سميت ٻين دوست ملڪن سان سرد لاڳاپن اسان جي مسئلن ۾ اضافو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جي طرز سياست کي ڏسندي 16هين صديءَ جي سياسي مفڪر نڪولس ميڪياويلي جي ياد اچي ٿي. عورت جج ۽ اسلام آباد جي آءِ جي بابت استعمال ڪيل ٻولي تي جتي سول سوسائٽي افسوس جو اظهار ڪيو، اهو معاملو عدالتن تائين پهتو، جتي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. هڪ نظريو اهو آهي ته پي ٽي آءِ قيادت اقتدار ۾ اچڻ جي تڪڙ ۾ آهي، جنهن ڪري عمران خان هڪ ڀيرو کليل نموني آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي ڳالهه ڪئي آهي. وطن عزيز جي سنجيده حلقن ۾ ان ڳالهه تي بجاءِ خدشو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي مطالبن تي ڪيئن عمل ڪيو وڃي. واضح ٿي ويو آهي ته عمران خان عدليه انتظاميه دفاعي ادارن ۾ به اهڙين شخصيتن جي موجودگيءَ جا خواهشمند آهن جيڪي کين مڪمل ”سپورٽ“ فراهم ڪندا. اسان ڄاڻون ٿا ته رياست جو مفاد مستقل هوندو آهي جڏهن ته حڪومتون اينديون رهنديون آهن، ان ڪري ڪنهن فرد يا گروهه لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هو پاڪستان جي مفاد کي داءَ تي لڳائي. وقت اچي ويو آهي ته رياست فيصلو ڪري ته ڪنهن فرد يا گروهه کي بليڪ ميل ڪرڻ گهرجي پر اهو ڪرڻو آهي جيڪو ملڪ جي آئين ۽ قانون جي روح ۾ صحيح هجي. ان ڳالهه ۾ ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي ته اسان جو ملڪ اڄ جن مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جو بنيادي سبب آئين جي حڪمراني نه هجڻ آهي. اسان جا عملدار جيڪڏهن آئين ۽ قانون موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ جو فيصلو ڪن ته پوءِ آهستي آهستي مسئلن تي ضابطو اچي سگهي ٿو. اسان جي سياسي تاريخ تي هڪ سرسري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته قانون جي بالادستي کي نه مڃڻ وارو ماڻهو جڏهن سياستدان طور اڀري آيو، تڏهن انتشار پيدا ٿيو. اها به بدقسمتي آهي ته اسان جو مڪاني حڪومتي نظام آئيني تقاضا باوجود فعال نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته چونڊيل ايوانن ۾ شايد ئي ڪو سياستدان هجي، جنهن کي نه رڳو گهٽين جي مسئلن جي خبر هجي پر انهن کي حل ڪرڻ جو جذبو به هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڏکين مسئلن جو سادو حل سياسي جلسن ۽ جلوسن ۾ پيش ڪري پنهنجي مقبوليت ۾ واڌارو آڻي سگهجي ٿو پر عملي طور تي ماضي ۾ ان جي اثرائتي ثابت نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي امڪان آهي ته اهڙي حڪمت عملي مستقبل ۾ مفيد ثابت ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو