ايميزون ننڍن ڪاروباري ادارن کي ڀائيوار بنائي ورتو

لندن (ويب ڊيسڪ) ايميزون ڊيجيٽل ٽيڪنالوجي ۾ اڳيان وڌندڙ ننڍي ڪاروباري ادارن کي به پنهنجو ڀائيوار بنائي ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب دبئي ۾ قائم ننڍن ڪاروباري ادارن جي لاءِ ايميزون پنهنجا دروازا کولي ڇڏيا آهن جيڪي آن لائن صارفين تائين پنهنجي شين جي ورهاست جي لاءِ ڪوشان آهن. ايميزون هڪ اهڙي تربيتي وڊيو جو سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن جي تحت دبئي جا ننڍا ڪاروباري ماڻهو ايميزون تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا.ايميزون وچ اوڀر جي نائب صدر رونالڊو موجاوار چيو آهي ته ننڍن ڪاروباري ادارن کي ڀائيوار بنائڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ ايميزون جي بنيادي ڪم ۾ شامل آهي. هن چيو ته دبئي اڪانومي ۾ موجود صلاحيت تي انهن کي اعتماد آهي ۽ هو ننڍن ڪاروباري ادارن کي گڏ کڻي هلڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو