دپيڪا سوشل ميڊيا تان پنهنجون تصويرون هٽائي ڇڏيون

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سال جي شروعات ۾ دپيڪا پڊڪون سوشل ميڊيا تان پنهنجون سموريون تصويرون هٽائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو آهي.بالي ووڊ اداڪاره دپيڪاپڊڪون سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تان سموريون پوسٽون ڊليٽ ڪرڻ بعد آڊيو ڊائري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ هن پنهنجي آڊيو ڊائري شيئر ڪئي جنهن کي اداڪاره”منهنجا خيال ۽ منهنجا احساس“ جو نالو ڏنو.شيئر ڪيل آڊيو ڊائري ۾ دپيڪا جو چوڻ هو ته 2020 جڏهن هر ڪنهن جي لاءِ هڪ غير يقيني جي صورتحال جو وقت هو ته منهنجي لاءِ شڪرگذاري جو وقت هو.هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته 2021 هر ڪنهن جي لاءِ سٺي صحت ۽ ذهني سڪون آڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو