گوگل پاران افسانه نگار بانو قدسيه جي نانءُ اعزاز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مشهور اديبا ۽ افسانه نگار بانو قدسيه 28 نومبر 1928 تي ڀارت جي اوڀر پنجاب جي ضلعي فيروز پوره ۾ پيدا ٿي هئي، هن ايف اي اسلاميا ڪاليج لاهور ۽ بي اي ڪنيئرڊ ڪاليج مان ڪيو جڏهن ته 1979 ۾ گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيو ۽ هوءَ ان وقت پاڪستان هجرت ڪري چڪي هئي، بانو قدسيه گورنمينٽ ڪالايج لاهور ۾ ايم اي اردو ۾ داخلا ورتي ۽ اتي ئي اشفاق احمد هن جو ڪلاس فيلو هو ۽ هنن ٻنهي ڊسمبر 1956 ۾ شادي ڪري ڇڏي. ليکڪه بانو قدسيه 27 ناول ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن جنهن ۾ ”راجه گدهه“، امربيل، بازگشت، اڌوري بات، دوسرا دروازه، تمثيل، حاصل گهاٽ ۽ توجه جي طلب قابل ذڪر آهن جڏهن ته سندس ناول”راجه گدهه“ ۽ ”آڌهي رات“ کي ڪلاسڪ جو درجو حاصل آهي، ان کان علاوه هن ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به ڪيترا.ئي ڊراما لکيا.پاڪستان حڪومت پاران هن جي ادبي خدمتن جي عيوض کيس 2003 ۾ ”ستاره امتياز“ ۽ 2010 ۾ ”هلال امتياز“ سان نوازيو ويو ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي قومي ۽ عالمي ايوارڊ به ڏنا ويا پر اردو ادب جو چمڪندڙ هي ستارو ڊگهي بيماري بعد 88 سالن جي عمر ۾ وسامي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو