وهاب رياض سريلنڪن ليگ لاءِ سلمان خان جي ٽيم ۾ شامل

لاهور(ويب ديسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان سري لنڪن پريميئر ليگ ۾ پاڪستاني فاسٽ بالر وهاب رياض کي پنهنجي فرنچائز ڪينڊي ٽسڪرز ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سلمان خان جي ننڍي ڀاءُ سهيل خان ۽ والد سليم خان جي اها ٽيم آهي. سهيل خان جو چون آهي ته وهاب رياض جي شموليت اسان لاءِ اهم آهي. ٽورنامينٽ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندو. سهيل خان جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سري لنڪن پريميئر ليگ ۾ ڪيترائي رانديگر موجود هوندا. شوقين وڏي بيچيني سان ڇرڪائيندڙ خبرن جي انتظار ۾ آهن. ڪينڊي ٽسڪرز جو اسڪواڊ متوازن آهي، ڪرس گيل کي ڪرڪيٽ جو باس چيو ويندو آهي. ڪوشل پريرا جهڙي سريلنڪن اسٽار سان گڏ ميچ ونرز وهاب رياض ۽ ليام پلنڪٽ به موجود آهن. ڪوشال مينڊس ۽ نوان پراديپ به ڇرڪائيندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا. پنهنجي ٽيم جي حوصله افزائي جي لاءِ سلمان خان هر ميچ ۾ نظر ايندو. ياد رهي ته شاهد آفريدي، شعيب ملڪ، سرفراز احمد، شنواري سميت 8 پاڪستاني رانديگر سريلنڪن ليگ ۾ کيڏي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو