ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جي دوري تي پهچي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو آهي. ترڪ صدر وزيراعظم عمران خان ۽ ملڪ جي صدر سميت اهم شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. رجب طيب اردوان اسلام آباد جي نور خان ايئربيس پهتو ته وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سندن ڀرپور استقبال ڪيو. ترڪ جي خاتون اول به رجب طيب اردوان سان گڏ آهي. وزيراعظم مهمانن جي گاڏي پاڻ هلائي وزيراعظم هائوس روانو ٿيو جتي ترڪ صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. طيب اردوان جي دوري دوران دفاع، ريلوي، اطلاعات، معيشت ۽ واپار تي ڪجهه معاهدا ڪيا ويندا جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ٻٽي شهريت جي هڪ معاهدي تي پڻ صحيح ڪئي ويندي. ترڪ صدر 14 فيبروري تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي به خطاب ڪندو. ٻئي اڳواڻ پاڪ ترڪ اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي گڏيل صدارت ڪندا جنهن جي اختتام تي گڏيل پڌرنامون به جاري ڪيو ويندو. صدر طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان گڏيل نيوز ڪانفرنس کي به خطاب ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو