لاهور: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 5 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران پوليس تي تشدد جي ڪيس ۾ عليمه خانم ۽ عظميٰ خانم جي عبوري ضمانت ۾ 16 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.عدالت جي جج ارشد جاويد ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ٻئي ڀينرون پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿيون. وڪيلن هڪ ڏينهن جو عذر پيش ڪيو ۽ چيو ته عليمه خانم ۽ عظميٰ خانم اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ويون هيون.پراسيڪيوٽر موجب، عليمه خانم ۽ عظميٰ خانم تي ڪارڪنن کي پرتشدد احتجاج لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام آهي، ۽ 5 آڪٽوبر تي پوليس تي تشدد ۽ گاڏين کي ساڙڻ جا واقعا پيش آيا. عليمه ۽ عظميٰ خانم شفيق آباد پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس ۾ عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي.وڪلن دليل ڏنو ته ٻئي ڀينرون واقعي جي وقت لاهور ۾ موجود نه هيون ۽ صرف انهن کي پنهنجي پارٽي سان وابستگي جي ڪري ملوث ڪيو ويو آهي. عدالت پراسيڪيوٽر کي ضمانت تي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ وڪيلن جي درخواست تي عبوري ضمانت کي برقرار رکيو.










