آفتاب عالم مهر
سنڌ جي هارين جو هي حال هر ڳوٺ، هر واهڻ وستي ۽ هر زمين سان جڙيل آبادگار دلين ۾ ڳڻتي جو سبب بڻجي چڪو آهي. ڊيزل، ڀاڻ، ٻج ۽ مزدوري جا خرچ لڳاتار وڌي رهيا آهن، پر مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهه ايترو گهٽ آهي جو آبادگار پنهنجو خرچ پکو به پورو نه ٿو ڪري سگهي. هي صورتحال نه صرف هارين لاءِ ناانصافي آهي، پر سڄي سنڌ جي زرعي معيشت، خاندانن جي روزگار ۽ معاشرتي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي.
هاري جدوجهد ڪميٽي ضلع شڪارپور پاران ڳوٺ قادر بخش کوسو کان ڄامڙا اسٽاپ تائين پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هارين ۽ سماجي اڳواڻن پنهنجو درد ۽ مايوسي واضع انداز ۾ ظاهر ڪئي. ريلي ۾ علي کوسو، صابر حسين کوسو، ڊاڪٽر رمضان جوڳي، علي نواز جت، ناز نصرالله مهر ۽ غمٺار دل سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا. هارين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعرا هڻي رهيا هئا، جهڙوڪ، “سارين جو ريٽ وڌايو، آبادگار سان انصاف ڪيو!” “هارين جو معاشي قتل عام بند ڪيو!”
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن چيو ته حڪومت جي بي ڌياني ۽ واپارين جي ناانصافي سبب هارين کي وڏو نقصان پيو ٿئي. ڊيزل، ڀاڻ ۽ دوائن جا خرچ لڳاتار وڌي رهيا آهن، پر مارڪيٽ ۾ سارين جو اگهه گهٽ رکڻ، هارين سان سڌو سنئون ظلم آهي. هميشه ائين ٿيندو رهيو آهي ته جڏهن اهو ئي اناج هاري جي هٿ مان نڪري وڃي ٿو، اهو مل مالڪ ۽ سرمائيدارن جي منافعي خورن جي گدامن تي پهچي وڃي ٿو، ۽ پوءِ هاري کي تمام مهانگو ڏئي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. مارڪيٽن ۾ ايري سارين جو موجوده اگهه في مڻ 2200 سؤُ رپيا آهي، ۽ سپر سارين جو 4000 ھزار رپيا تائين آهي، جيڪو آبادگار جي محنت، خرچ ۽ زمين جي لاھ جو پورائو به نٿو ڏئي سگهي. اهڙي صورتحال ۾ هاري نااميد ٿي وڃي ٿو، ۽ ايندڙ فصل ۾ سارين جي پوک ڇڏڻ جو امڪان پيدا ٿئي ٿو، جيڪو سڄي ملڪ لاءِ خوراڪي بحران جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن واضع پيغام ڏنو آهي.
“ايري ڇھون نمبر سارين جو ريٽ 2200 رپيا مان وڌائي 4000 رپيا ڪيو وڃي، ۽ سپر سارين جو اگهه 4000 ھزار رپيا مان وڌائي 8000 ھزار مقرر ڪيو وڃي، ۽ آبادگار جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي!” اسان سڀني جو فرض آهي ته هارين جي آواز کي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي. آبادگار جو حق آهي ته سندس محنت جو جائز معاوضو ملي، ۽ حڪومت کي فوري طور ايري سارين جو سرڪاري اگهه گهٽ ۾ گهٽ 4000 ھزار ۽ سپر سارين جو اگهه 8000 ھزار مقرر ڪرڻ گهرجي، جيئن آبادگار ٿورو ساھ پٽي سگهي ۽ ملڪ جي معيشت به مضبوط رهي.
هي آواز صرف هارين جو نه، پر سڄي سنڌ جي ڌرتي جو آواز آهي. سارين جو اگهه وڌائڻ صرف معاشي ضرورت ناهي، اها اخلاقي، سماجي ۽ قومي ذميواري آهي. جيڪڏهن هارين تي هي ظلم جاري رهيو، ته زمين بنجر ٿيندي ۽ ملڪ جو معاشي مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. اڄ جو ڏينهن هر سنڌي لاءِ سڏ آهي، قلمڪار، صحافي، استاد، شاگرد، شهري ۽ شعور رکندڙ هر ماڻهو پنهنجي آواز سان هارين سان گڏ بيهڻ گھرجن. اچو ته سڀ گڏجي آواز اُٿاريون، “سارين جو ريٽ وڌايو، آبادگار بچايو، سنڌ بچايو!”










