4مارچ شاگرد جدوجھد

4مارچ شاگرد جدوجھد

خاصخيلي لطيف راولاڻي
چار مارچ جي جدوجھد کي تاريخ ۾ سونھري الفاظن ۾ لکيو ويو آھي ان جي ياد تازه ڪرڻ لاء ھر سال سڄي سنڌ ۾ چار مارچ جو ڏينھن ملھايو ويندو آھي چار مارچ جي ڪھڙي تحريڪ ھئي ان جو مقصد ڇا ھو اڄ جو شاگرد چار مارچ جي حوالي سان ڇا ٿو سوچي ۽ ان تي ڪيتري حد تائين عمل ڪري ٿو ۔ھن جو مختصر جائزو ھن ريت آھي ته ون يونٽ ٺھڻ کان پوء شاگردن تعليمي ادارن ۾ منظم جدوجھد جو آغاز ڪيو شاگردن جي اھا جدوجھد بظاھر ڪمشنر حيدرآباد جي خلاف ھئي ۔چار مارچ 1967ع جي تحريڪ سنڌ يونيورسٽي کان شروع ٿي باه وانگر سموري سنڌ جي تعليمي ادارن پکڙجي وئي ۔اھا تحريڪ ڪمشنر جي ظلم زيادتين جي خلاف ھئي ۔اھو ڪارو دور ھو زبانن تي تالا ھئا ۔سختي سان حڪم ناما جاري ٿيندا ھئا ته ڪوبه شخص ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍي ۽ نه ئي احتجاج ڪري انھي ڪاري قانون کي ٽوڙيندي ون يونٽ خلاف شاگرد سراپا احتجاج بڻجي ھڪ وڏي مظاھري جي صورت ۾ مارچ ڪندا ڄامشوري کان حيدرآباد ڏانھن وڌڻ شروع ٿيا ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي محافظن انھن شاگردن کي روڪڻ جي لاء مٿن لٺ بازي ۽ شيلنگ شروع ڪري ڏني نتيجي ۾ سوين شاگرد زخمي ٿي پيا پر پوئتي نه ھٽيا ۔پر پوء به قانون نافذ ڪندڙ ادارا پنھنجي ظالمانه ڪاروائي ۾ مصروف رھيا ۔زخمي ٿيل شاگردن کي ھٿڪڙيون ھڻي کين جنگي قيدين جيان واڙيو ويو ۽ کين جيل جي حوالي ڪيو ويو ۔کين تشدد ۽ مارڪٽ ڪري بند وارڊ ڪيو ويو ۔اھڙي صورتحال ۾ سنڌ جا سمورا سياسي اڳواڻ حرڪت ۾ اچي ويا ۽ زخمي شاگردن جي پوواري ڪندي کين آزاد ڪرڻ لاء ڪوششون وٺڻ لڳا ۔نامياري وڪيل رسول بخش پليجي شاگردن جون ضمانتون ڪرائي کين آزاد ڪرايو ۔چار مارچ جي تحريڪ صرف شاگردن جي حوالي سان تحريڪ نه ھئي پر اھا اھڙي تحريڪ جيڪا سنڌ جي سياسي سجاڳي جي تحريڪ ھئي جنھن سان سنڌ جي سياست ۾ ھلچل پيدا ٿي پئي سنڌ جو ھر نوجوان سجاڳ ٿي ڪري ميدان عمل ۾ ڪاھي پيو اھا صرف چار مارچ جي شاگردن جي قربانين جو نتيجو ھو جو اڄ ھر سنڌي شاگرد سجاڳ آھي ۽ اھو تعليم سان گڏوگڏ پنھنجي حقن جي جدوجھد به جاري رکندو اچي ۔چارمارچ ۾ جن شاگردن اھم رول ادا ڪيو آھي انھن ۾ خاص طور تي يوسف ٽالپر ۔يوسف لغاري ۔مسعود نوراني ۽ مجيب پيرزادو سرفھرست ھئا۔ جيڪي شاگرد سياست کان پوء به عملي طور تي سياست ۾ سرگرم رھيا ۽ سنڌ جي اھ مسئلن لاء جدوجھد ڪندا رھيا ۔ھاڻي اھو سوچڻو آھي ته اڄ جي دور جو شاگرد ان مان ڪيتري لاڀ حاصل ڪري سگھيو آھي ۽ ان لاء تعليم کان علاوه عملي سياست ۾ ڪھڙو رول پلي ڪري رھيو آھي ۔ڪجھ سال اڳ ۾ اسان جا تعليمي ادارا تعليم سياست کان علاوه ڏوھن جا مرڪز ٿي ويا ھئا ۔پر ھاڻي وري صورتحال ۾ ڪافي بھتري آئي آھي جو اسان جا مقدس تعليمي ادارا سکيا جا مرڪز ٿي ويا آھن ۔شاگردن چار مارچ جي ھلايل جدوجھد مان سبق حاصل ڪيو آھي اڃان به وڌيڪ ان کي عملي جامو پھرائڻ لاء سڀ شاگرد تنظيمون ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪري پنھنجي جائز حقن لاء گڏيل جدوجھد جو آغاز ڪن ۔۽ پرامن جدوجھد شروع ڪن تعليمي ادارن ۾ پرامن ماحول ئي سياسي ماحول کي سڌاري سگھي ٿو ۔۽ ان عمل سان ئي اڄوڪي دور جو شاگرد سرخرو ٿي سگھي ٿو ۔جيڪي سورما ماضي ۾ قربانيون ڏيئي ويا انھن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي اڳتي وڌائيندي اسين پنھنجي منزل تي پھچي وينداسين جيڪو رستو چار مارچ جي حوالي سان اسان جي سامھون آھي ۔انھن جي محنت کي رائيگان وڃڻ نه ڏيون ۔تاريخ کي پڙھون لطيف کي پڙھون اھي ڇا چئي ويا ھئا انھن جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجي جدوجھد جاري رکون پوء اھا ڪاميابي چار مارچ جي ڪاميابي ھوندي ۔ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رھي ۔نوجوان ساٿيو سنڌ جاوارثو .

پهنجو تبصرو موڪليو