مشتاق حسين تنيو
اڄ کان 28 سال اڳ 24 سيپٽمبر واري ڏينھن تي ملڪ جي پھرين ۽ سڀ کان وڏي ميڊيا جي نشرياتي اداري تان لاڙڪاڻي جي لکين ٻڌندڙن جي سمائتن تائين پھريون ڀيرو، اھو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هيو تہ (هي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو آواز آهي)… اھو دور ريڊيو پاڪستان جو شاندار دور هيو جيڪو ملڪ جي عوام لاءِ ڪنھن نعمت کان گهٽ ڪونہ هيو. ڪو زمانو هيو جڏهن پنھنجي شهر ۾ بہ ٿيندڙ ڪنهن واقعي جي خبر ڪيترن ئي ڏينھن کانپوءِ پوندي هئي، ڇو تہ ان وقت ميڊيا ايتري تيز نہ هئي پر هلندڙ صدي ۾ سوشل ميڊيا تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي جنھن سبب دنيا جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين ڪنهن بہ واقعي جي خبر چند سيڪنڊن ۾ پھچي وڃي ٿي. هن دور ۾ اخبار، ريڊيو ۽ ٽي وي کانپوءِ تيز ترين سوشل ميڊيا دنيا کي ملائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ موجودہ دور ۾ سوشل ميڊيا ڄاڻ ۽ رابطي جو جو تيز ترين ذريعو آهي جنھن سبب آساني سان توهان پنھنجي پيارن سان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ ھزارين ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ٻئي کي ڏسي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ مفت ۾ ڪچھري ڪري سگهو ٿا ۽ دنيا اندر ڪنھن بہِ واقعي بابت ڄاڻ ڏئي ۽ وٺي سگهون ٿا. ريڊيو جيتوڻيڪ ميڊيا جو پراڻو ذريعو آهي پر ان هوندي بہ جديد دور ۾ سوشل ميڊيا اخبارن ۽ ٽي وي سان گڏ اڄ بہ ڄاڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. ڇا ڪاڻ تہ ريڊيو پاڪستان کي هن وقت بي بي سي ۽ وائس آف آمريڪا جيان سوشل ميڊيا سان براھِ راست سڌو سنئون ڪنيڪٽ ڪيو ويو آهي ۽ ريڊيو توهان گهمندي ڦرندي، سير سفر ڪندي يا محنت مزدوري دوران بہ ٻڌي ڄاڻ ۽ تعليم سان گڏ تفريح پڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. پاڪستان جي سرڪار ملڪ جي قيام کان پوءِ عوام کي ڄاڻ مھيا ڪرڻ لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون توڙي وڏيون ريڊيو اسٽيشنون کولي نشريات کي ملڪ %100 علائقن سميت پاڙيسري ملڪن تائين پڻ پھچائي ڇڏيو آهي، جڏهن تہ پاڪستان ٽيليويزن جي نشريات کي هن وقت ملڪ جي %80 علائقن تائين رسائي حاصل آهي.
اڄ کان 28 سال اڳ 24 سيپٽمبر 1995ع تي ان وقت جي وزير اعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي شھر جي مين وڳڻ روڊ تي ريڊيو ايف ايم 101 جو افتتاح ڪري لاڙڪاڻو جي عوام کي تحفو ڏنو هيو. ان کان اڳ سنڌ ۾ 3 اسٽيشنس، ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ھلندڙ هيون. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي افتتاح وقت صرف ٽن ڪمرن تي ٺھيل عمارت موجود هئي ۽ ان ننڍڙي عمارت مان نشريات جي شروعات ڪئي وئي هئي. ان وقت شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي لاءِ ميڊيم ويوز جي 100 ڪلو واٽ جي ٽرانسميٽر، 3 ماڙ بلڊنگ ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ملازمن لاءِ هڪ هاسٽل ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو هيو جيڪو ان وقت جي پي سي ون ۾ پڻ شامل آهي پر 20 سيپٽمبر 1996ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ محترمہ بينظير ڀٽو جي ڪيل اعلانن تي عمل نہ ٿي سگهيو ۽ 100 ڪلو واٽ واري ٽرانسميٽر بدران 10 ڪلو واٽ جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي بلڊنگ 3 بدران صرف ٻن منزلن تائين ٺاهي وئي ۽ ملازمن لاءِ ريڊيو جي بلڊنگ سان لڳ پلاٽ تي اڄ تائين هاسٽل جو منصوبو شروع ٿي نہ سگهيو. 2001ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي سيٽ اپ کي 3 ڪمرن مان شفٽ ڪري ٻن منزلن تي ٺاهيل نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو جڏهن تہ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي ترقي لاءِ نئون ديرو روڊ تي چوهڙ پور لڳ 10 ڪلو واٽ وارو ميڊيم ويوز جو ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو ۽ 26 سيپٽمبر 2006ع تي نشريات ۾ اضافو ڪيو ويو. 2008ع ۾ ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان غلام مرتضيٰ سولنگي جي حڪم تي پھرين جولاءِ 2008ع کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تان سنڌيءَ ۾ مقامي خبرون نشر ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي هئي، جنھن تان لاڙڪاڻي ڊويزن جي سياسي، ثقافتي، ادبي، حادثاتي ۽ موسمي صورتحال جون تازيون خبرون پيش ڪرڻ جو سلسلو ڪاميابي سان اڄ تائين جاري آهي. نيوز سيڪشن ۾ الطاف پيرزادي، نور حسين چنڊ، مشتاق تنيي ۽ ميڊم سعيده چانڊيو کانپوءِ هن وقت ظفر علي سھتو نيوز انچارج طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪجھ سال اڳ چوهڙ پور اسٽيشن کي اپ گريڊ ڪري 100 ڪلو واٽ وارو ميڊيم ويووز جو جديد امپورٽيڊ ٽرانسميٽر لڳايو ويو هو جنھن جو افتتاح 16 آڪٽوبر 2017ع تي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان شيراز لطيف ڪيو. هن وقت لاڙڪاڻي مان ريڊيو پاڪستان جا ٻہ چينل ايف-ايم 101.4 ۽ ميڊيم ويووز 1053 هلندڙ آهن جن جي نشريات صبح جو پوڻي 6 وڳي کان رات جو 12 وڳي تائين جاري رهندي آهي ۽ ساڳي نشريات ٻيھر رات 12 وڳي کان صبح تائين رپيٽ ٿيندي آهي. ايف ايم جي نشريات لاڙڪاڻي ڊويزن جي مختلف علائقن سميت دادو، گورک هل اسٽيشن، نوشهروفيروز، خيرپور ۽ بلوچستان جي ڪجهہ علائقن تائين پڻ آساني سان ٻڌي ويندي آهي جڏهن تہ ميڊيم ويووز جي نشريات اسان جي پياري ملڪ پاڪستان سميت ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن ۾ پڻ ٻڌي سگهجي ٿي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نشريات ۾ لوڪل پروگرامن سان گڏ هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۽ سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ٻين وڏين اسٽيشن تان پڻ قومي ۽ صوبائي نشرياتي رابطي وارا پروگرام نشر ٿيندا رهندا آهن. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ هن وقت تائين 24 اسٽيشن ڊائريڪٽرس رهي چڪا آهن جن ۾ پھريون اسٽيشن ڊائريڪٽر امداد علي خواجا هيو جنھن 5 سيپٽمبر 1995 ۾ چارج سنڀالي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي نشريات شروع ڪرائي. بعد ۾ ضمير علي بنداڻي، زاھد حسين قلباڻي، اقبال اعظم فريدي، رياض احمد منھاس، جهانگير احمد قريشي، اختر مرزا، علي نواز خاصخيلي، گل حسن قريشي، محمد علي ٻانڀڻ، غلام قاسم (ڪوثر ٻرڙو)، شوڪت علي خاصخيلي، منظور ڪامران، مختيار ملڪ، خليل الله ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري ۽ عابد عباس ڪاظمي شامل آهن. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي پھرين اسٽيشن ڊائريڪٽر امداد علي خواجا سان گڏ ٽيم ۾ ان وقت جا تجربيڪار پروڊيوسرز نصير سومرو ۽ ڪوثر ٻرڙو جڏهن تہ ناميارو انائوسر نور محمد خاصخيلي شامل هئا. وفاقي سرڪار توڙي پ پ سنڌ جي بي ڌياني سبب ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ڪيتري ئي عرصي کان شديد مالي بحران توڙي اسٽاف جي کوٽ جو شڪار آهي. ريڊيو پاڪستان جو نئون مقرر ٿيل ڊي جي پڻ ريڊيو پاڪستان جا مسئلا، اسٽاف جي کوٽ توڙي مالي بحران حل ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي. ڪيترن ئي سالن کان تمام ٿوري معاوضي تي ڪم ڪندڙ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪانٽريڪٽ ملازمن مالي بحران ڄاڻائي غير قانوني طور هٽايو ويو آهي جڏهن تہ ڪجهہ سالن کان ريڊيو پاڪستان مان وڏي پئماني تي رٽائرمينٽ ٿيڻ سبب هڪ هزار کان وڌيڪ پوسٽون خالي آهن، 10 کان 15 سال ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ هٽايل ڪانٽريڪٽ ملازمن جا خاندان هن شديد مھانگائيءَ ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. تازو ڪجهہ مھينا اڳ اڳوڻي وفاقي سرڪار پاران ملازمن جي بحالي واري ڪاميٽيءَ جي چيئرمين قادر خان مندوخیل پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريڊيو پاڪستان سميت سمورن وفاقي ملازمن کي فوري طور تي بحال ۽ ڪنفرم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو پر ريڊيو پاڪستان جي ڪرپٽ انتظاميا ملازمن کي بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنھن بعد ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سميت ٻين اسٽيشنز جي ملازمن وفاقي ڪاميٽيءَ سان رابطو ڪري ڪري ريڊيو انتظاميا خلاف شڪايتون ڪيون ۽ مندوخیل جي ٻيھر پريشر کانپوءِ موجوده ڪرپٽ ڊي جي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي 10 ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ٽي مھينا اڳ فارملٽي طور جوائننگ ڏني پر هن وقت تائين ڪانٽريڪٽ ملازمن کي ڊيوٽي کان پري رکڻ سان گڏ پگهارن کان پڻ محروم رکيو ويو آهي جڏهن تہ ريڊيو پاڪستان جي ڊي جي ۽ يونين جي ملي ڀڳت سان گذريل ٽن مھينن ۾ هنن ڪيترن ئي پنھنجن ماڻھن کي ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي جيڪا 10 سالن کان وڌيڪ عرصو ريڊيو پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن سان نا انصافي آهي.ھيڊ ڪوارٽر پاران ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي بجيٽ ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي جنھن سبب ريڊيو لاءِ ٺھندڙ ڊرامن سان گڏ ميوزڪ ۽ ٻين پروگرامن ۾ پڻ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي پر ان باوجود اسٽيشن ڊائريڪٽر عابد عباس ڪاظمي پنھنجي تجربي ۽ صلاحيتن آڌار پنھنجي محدود اسٽاف سان اداري کي بھتر طريقي سان هلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي اسٽيشن ڊائريڪٽر عابد عباس ڪاظمي سان گڏ صرف هڪ سينيئر پروگرام پروڊيوسر الطاف حسين لغاري ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن تہ انجنيئرنگ سيڪشن ۾ (ئي ايم) محمد حامد تنيو، آفتاب هڪڙو، محمد حنيف شيخ، سب انجنيئر عاشق علي ڀٽو، سيد فياض علي شاھ، ياسين گاد، وحيد شيخ، شعبان عباسي ايڊمن ۽ اڪائونٽس انچارج غلام مصطفيٰ هڪڙو، غلام مصطفي نوح پوٽو، نثار سومرو، سليم واھوچو ۽ الطاف شاھ شامل آهن.ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي 28 سالن جي سفر ۾ ڪيترن ئي فنڪارن کي عروج تي پهچايو جن ۾ استاد انور علي سانگي، عاشق نظاماڻي، اسلم تنيو، سڄڻ سنڌي، ممتاز لاشاري، سليم رضا ڪنڀر، ڪنول ابڙو، ليلا سورٺ، الطاف سمون، رياض سومرو، غلام شبير سمون، فدا کوکر، جگر جلال، نظير سمون، برڪت گوپانگ ۽ ٻيا شامل آهن. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي شروعاتي دور کان پنھنجي ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو آهي ان جو ئي سبب آهي جو اڄ جتي ميڊيا جا تمام گهڻا ذريعا موجود آهن پر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي ٻڌندڙن جو اڄ بہ وڏو تعداد موجود آهي جيڪي روزانو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي پروگرامن ۾ ٽيليفون ۽ ميسيج ذريعي شامل ٿي حصو وٺن ٿا. هن وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان عوام کي ڄاڻ، تفريح ۽ آگاهي ڏيڻ سان گڏ سندن مسئلا انتظاميا تائين پھچائڻ لاءِ ڪيترائي منفرد پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو پنهنجي ٻڌندڙ سان پنهنجو 28 سالن جو سفر شاندار نموني نڀايو آهي ۽ اميد آهي تہ اڳتي بہ ڪاميابيءَ جو سفر جاري رهندو.
